ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ”پيار ڪي صدڪي، آخر ڪبتڪ، ايڪ جهوٽي لو اسٽوري، اوئي موٽي ۽ بيباڪ سميت ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندڙ اداڪاره صرحا اصغر انڪشاف ڪيو آهي ته ڳورهاري عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ دوران هو ڳورهاري بڻجي وئي هئي جنهن سبب کيس پنهنجي حمل بابت ڳالهه کي 6 مهينن تائين لڪائڻو پيوهو.
هن نه رڳو شوبز انڊسٽري جي ماڻهن پر پنهنجي گهرڀاتين ۽ ساهورن کان به اها ڳالهه 6 مهينن کان وڌيڪ ڳجهي رکي هئي.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هو اميد سان هئي ۽ ان ئي دوران ڊرامي جي شوٽنگ ۾ به مصروف هئي جنهن ۾ سندس ڪردار ڳورهاري عورت جو هو.
هن چيو ته کيس هٿرادو ڪپڙا ڏئي ڳورهاري ڏيکاريو ويندوهو پر هو سچ پچ ڳورهاري ٿي وئي هئي.
سندس چوڻ هو پوءِ هن پيٽ آڏو ڪپڙا ڏيڻ بند ڪيا ۽ ڪنهن کي محسوس به نه ٿيو هو ته اهو سندس اصلي پيٽ آهي.