راڪ اينڊ رول جي ملڪا ٽينا ٽرنر لاڏاڻو ڪري وئي

گلوڪارا ٽينا ٽرنر جي عمر ٽياسي سال هئي ۽ هوءَ ڊگهي عرصي کان بيمار هئي سندس لاڏاڻو سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيو جتي هوءَ اسي ملين ڊالر ماليت جي گهر ۾ رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهي هئي.

ٽينا ٽرنر گريمي ايوارڊ جي لاءِ پنجويهه ڀيرا نامزد ٿي هئي ۽ کيس اٺ ڀيرا اهو ايوارڊ ميلو ۽ ٽي ڀيرا لائيف ٽائيم گريمي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

گلوڪارا جو آخري ڪنسرٽ ٻه هزار نوَ ۾ انگلينڊ ۾ ٿيو هو جنهن کانپوءِ هن موسيقي جي دنيا کي خيرآباد ڪري ڇڏيو هو.

ٽينا ٽرنر مڪ جيگر جهڙي جڳ مشهور شخصيت کي جهمر سيکاري هئي، مڪ جيگر ٽينا ٽرنر کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هوءَ غير معمولي گلوڪارا هئي.

مڪ جيگر ٻڌايو ته جڏهن هو ننڍو هو ته ٽينا ٽرنر سندس تمام گهڻي مدد ڪئي هئي جنهن کي هو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.