ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمران خان ڊگهي وقت کان هڪ منصوبي تحت فوج خلاف بغاوت ڪندو رهيو ۽ ماڻهن کي به ڀڙڪائيندو رهيو پر هاڻي سندس خلاف پڪڙ سخت ٿي وئي آهي ۽ جلد اهم ڪردار سامهون آندا ويندا.
اڄ سڄي ملڪ ۾ تڪريم شهدا جو ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ سڄي ملڪ جي رهواسين ريليون ڪڍي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سندن وارثن سان ايڪي جو اظهار ڪيو.
عمران خان جون سڀ سازشون هاڻي ناڪام ٿي چڪيون آهن.
عمران خان جو هدف سوچيل سمجهيل هو ۽ اڳواٽ طئي ٿيل هو جنهن مطابق هو ڪم ڪندو رهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج ۾، سوشل ميڊيا ۾ ۽ عدالت ۾ به سندس سهولتڪار هئا ۽ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن عمران خان خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آيو ته کيس لڳو ته بعاوت ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ هن آرمي چيف جو نالو ورتو.
انهن سڀني معاملن جي به جاچ ٿي رهي آهي.
ذريعن جي دعويٰ آهي ته جنهن پوليس آفيسر جي موبائيل فون تان عمران خان رابطا ڪيا اهو گرفتار ڪيل آهي ۽ موبائيل فون فوج جي تحويل ۾ آهي.
هڪ ٻئي ڪردار بابت به جاچ هلي رهي آهي جنهن ۾ هڪ عورت جو مک ڪردار آهي.
اها عورت هر پيشي تي عمران خان سان رابطي ۾ رهي آهي.
چيو پيو وڃي ته عمران خان جي اها پلاننگ مارچ ۾ ٿي هئي ۽ فياض چوهاڻ جي بيان کي هلڪو نه سمجهجهي، اهو ئي عمران خان خلاف وڏي شاهدي هوندو.