عمران خان کان رستا ڌار ڪندڙن” پي ٽي آءِ حقيقي “ ٺاهي ورتي

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ ملتان جي اڳوڻي صدر رائو ياسر پاڪستان تحريڪ انصاف حقيقي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رائو ياسر جو چوڻ هوته اڄ مُلڪ ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو ذميوار عمران خان آهي.

رائو انوار وڌيڪ چيو ته عمران خان جي آڪڙ، انا ۽ يوٽرن مُلڪ کي ان حالتن تي پهچايو آهي.

رائو ياسر چيو ته سندس پارٽي ٺاهڻ جو مقصد پي ٽي آءِ جي نوجوانن کي منزل تائين پهچائڻ آهي.

ياد رهي ته رائو ياسر هلندڙ هفتي نوَ مئي واقعن جي مذمت ڪندي تحريڪ انصاف کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.