ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ سلمان خان سنيل شيٽي ماڻهن جي مدد لاءِ سلمان خان جي جذبي کي ساراهيندي کيس سون جي دل وارو انسان قرار ڏنو آهي.
دبنگ خان نه رڳو پنهنجي اداڪاري پر انساني مدد جي لاءِ به پنهنجي مداحن ۾ مشهور آهي، سلمان خان جي رحمدلي جي حوالي سان هڪ اهڙي قصي جو انڪشاف باليووڊ جي اداڪار سنيل شيٽي به ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن سنيل شيٽي انڪشاف ڪيو ته سلمان خان بون ميرو ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي مدد ڪرڻ لاءِ سلمان خان بون ميرو ٽيسٽ به ڪرائي چڪو آهي.
سنيل شيٽي انڪشاف ڪيو ته مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيرو سلمان خان کي ڪو ماڻهو گهڙي گهڙي فون ڪري رهيو هو ۽ جڏهن ان فون بابت مون کانئس پڇيو ته سلمان خان چيو ته مونکي هڪ ڪم آهي مان ٿوري دير ۾ واپس اچان ٿو ۽ ائين چئي هليو ويو.
هن ٻڌايو ته انکانپوءِ مونکي اها خبر پئي ته سلمان خان بون ميرو جي ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ پنهنجي بون ميرو ٽيسٽ ڪرائڻ ويو هو.
سندس چوڻ هو ته جيتري تائين مونکي خبر آهي ته اها ٽيسٽ تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي پر ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ سلمان خان واپس موٽي اچي ساڳيو ئي پنهنجو ڪم ڪيو هو ۽ ڪنهن کي ڪجهه محسوس به نه ڪرايو هو.