اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪا بخاري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مليڪا بخاري نوَ مئي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته هر پاڪستان لاءِ نوَ مئي جا واقعا تڪليف ڏيندڙ آهن.
مليڪا بخاري پارٽي عهدن تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته چاهيان ٿي ته هاڻي پنهنجي خاندان سان گڏ وقت گذاريان.