ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اداڪارن بابت اڳڪٿيون ڪندڙ فلمي شخصيت ۽ اداڪار ڪام راشد خان ڪي آر ڪي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي تڪڙي شادي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڪي آر ڪي عامر خان جي حوالي سان هڪ ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته عامر خان جلد پنهنجي ڌيءَ جيتري عمر جي ڇوڪري فاطمه ثناءَ شيخ سان شادي ڪرڻ وارو آهي.
ڪي آر ڪي اها به دعويٰ ڪئي آهي ته عامر خان فلم دنگل کان وٺي فاطمه ثناءَ شيخ سان تعلق ۾ هيو.
واضح رهي ته فاطمه ثناءَ شيخ جا عامر خان جي ڌيءَ آئرا خان سميت ان جي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن.
فاطما ثناءَ شيخ عامر خان سان گڏ فلم دنگل ۽ ٺگز آف هدستان ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.
ڀارتي ميڊيا تي ڪيترائي ڀيرا ٻنهي جي لاڳاپن بابت خبرون اينديون رهيون آهن.
ڪجهه رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عام خان ۽ ڪرن رائو ۾ طلاق جو سبب به فاطمه ثناءَ شيخ هئي.