انگلينڊ جو اهم رانديگر آمريڪي ليگ لاءِ مُلڪي ٽيم ڇڏڻ لاءِ تيار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جو بيٽر جيسن راءِ آمريڪي ليگ لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب لاس اينجلس نائيٽ رائيڊرز جيسن راءِ کي ٻن سالن جي معاهدي جي آڇ ڪئي آهي، امڪان آهي ته انگلش اوپنر جلد آمريڪي ليگ سان معاهدو ڪندو.

معاهدي بعد جيسن راءِ آءِ سي سي ون ڊي عالمي ڪپ مان ٻاهر ٿي ويندو.

رپورٽن موجب، انگلينڊ جي ريس ٽاپلي ۽ هيري بروڪ سميت ڇهن رانديگرن کي آمريڪي ليگ سان معاهدي جي آڇ ڪئي وئي آهي، انگلينڊ جا ٻيا رانديگر به ليگ ڪرڪيٽ لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان انڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

واضح رهي ته ميجر ليگ ڪرڪيٽ تيرنهن جولاءِ کان آمريڪا ۾ شيڊول آهي، انهن ئي ڏينهن ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ” ايشز سيريز“ کيڏي ويندي.

ٻئي پاسي انگلش ڪرڪيٽ بورڊ آمريڪا ۾ شيڊول ميجر ليگ ڪرڪيٽ لاءِ رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.