هر شادي شده جوڙي جي اها خواهش هوندي آهي ته انهن جي زندگي صحتمند هجي ۽ ان ۾ جنسي لاڳاپن جي حوالي سان ڪا ڪسر نه هجي.
جسم جي ٻين نظامن جيان جنسي لاڳاپن جو به هڪ الڳ ئي نظام آهي جنهن نظام کي هارمونز هلائيندا آهن ۽ ان نظام جو مقصد انسان جو نسل اڳتي وڌائڻ آهي. خوشگوار جنسي لاڳاپا توهان جي ذهني ۽ جسماني صحت جي لاءِ تمام گهڻا ضروري آهن.
اڄڪلهه جي کاڌ خوراڪ ۽ ويهه ٽيهه سال پٺتي وڃجي ته ان دور جي کاڌ خوراڪ ۾ زمين آسمان جو فرق ظاهر ٿيندو. طاقتور ۽ سچن کاڌن کي کڻي ماڻهو ڇڏي به صحيح پر غير معياري کاڌن جي ڪري صحت تي وڏا خطرناڪ اثر پون ٿا.
نه رڳو ايترو پر اڄڪلهه وري طرز زندگي به صحت تي وڏي اثر انداز ٿئي ٿي. سڄي سڄي رات جو جاڳڻ، ڏينهن جو ننڊ ڪرڻ، موبائل ۽ ڪمپيوٽر جو گهڻو ۽ خاص ڪري رات جو استعمال. ذهني دٻاءُ، بيروزگاري ۽ مهانگائي سميت ٻيا گهريلو مسئلا ماڻهو جي صحت تي سڌي ريت اثر انداز ٿين ٿا جيڪي ويهه کان ٽيهه سال پٺتي وڃجي ته ائين نه هئا جيئن هاڻي آهي.
ان سان گڏ سگريٽ نوشي جي عادت جيڪا اڄڪلهه عام ۽ نوجوانن ۾ فيشن طور وڌندي پئي وڃي. شراب پيئڻ، مختلف بيمارين جي ڪري مختلف دوائون کائڻ وغيره شامل آهي.
اهڙي حوالي سان هتي اسان اوهان کي ڪجهه اهڙا پنج کاڌا ٻڌائينداسين جيڪي اوهان جي جنسي طاقت جي لاءِ جادوئي اثر رکندڙ آهن.
چقندر
چقندر ۾ آئرن جو ججهو مقدار هوندو آهي انڪري چقندر جنسي لاڳاپن جي لاءِ بهترين کاڌو آهي. ان ۾ موجود نائٽريٽس رت جي وهڪرن کي وڌائيندو آهي ۽ وڏي مقدار ۾ جنسي طاقت وڌائيندو آهي.
پالڪ
ان ۾ موجود فولڪ ايسڊ، زنڪ، آئرن ۽ اينٽي اوڪسيڊنٽس موجود آهن. اهو ئي سبب آهي ته پالڪ وڌيڪ بهتر طريقي سان اسپرم کي متحرڪ ڪندي آهي.
بصر
بصرن ۾ اينٽي اوڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن. جنهن جي ڪري بصر اسپرم جي تعداد ۽ جنسي صلاحيتن ۾ واڌ ڪندا آهن. بصر خاص عضوي ڏانهن رت جي وهڪرن کي وڌائي بهترين جنسي لاڳاپن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
ٽماٽا
ٽماٽن ۾ هڪ خاص قسم جو لائسوپين موجود هوندو آهي جيڪو قدرتي طور تي شهوت کي وڌائيندو آهي ۽ طاقت ڏئي جنسي طلاحيتون وڌائيندو آهي.
سهانجڻو
ننڍي ۽ سائي ڪاٺين واري نظر ايندڙ ان سبزي ۾ زنڪ جو ججهو مقدار هوندو آهي جيڪو جنسي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي. سهانجڻي جو وڻ ٿيندو آهي جنهن جي ڀاڄي به ٺاهي سگهجي ٿي. ٻهراڙين ۾ خاص ڪري سهانجڻو کٽاڻ ٺاهڻ ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي.