اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ 79 پئسا وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.
نيپرا مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي تحت بجلي في يونٽ 79 پئسا مهانگي ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نيپرا جي فيصلي موجب، واهپيدارن کي مئي جي بجلي بلن ۾ واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون، اضافي اگهه لائف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه هوندا.