زنده قومون پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن ناهن وسارينديون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته وطن لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي قربانين سبب اڄ هو آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهن.

شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وطن لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي قربانين سبب اڄ هو آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته زنده قومون هميشه پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن ناهن وسارينديون، وطن جي شهيدن ۽ سندن يادگارن جو احترام هر پاڪستاني جو فرض ۽ فخر آهي.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سندن فورسز، فوج ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون وڌائڻ واري ڪنهن به سوچ کي وڌڻ نه ڏنو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.