شاهجهاني چٽڻي توهان ڪڏهن کاڌي آ؟

سيارو هجي يا سانوڻ هر ڪو چاهيندو آهي ته کاڌو پيتو ذائقيدار هجي. سياري ۾ ته باهه به وڻندي آهي ته کاڌا کائڻ به، پر سانوڻ جو وري نظام پنهنجو آ. سخت گرمي جي ڪري هر ڪو پنهنجي بُت مان بيزار هوندو آهي، ڪهر جي گرمي ۾ عورتون به گهڻو باهه تي ويهڻ کان لنوائينديون آهن ۽ ائين ڪرڻ به گهرجي. ڀلي جو عورتون کاڌو پچائڻ مان جند ڇڏائينديون ئي هجن پر اهي کاڌي جي ذائقو جو پوءِ به خيال رکنديون آهن اهو ئي سبب آهي ته سانوڻ ۾ مختلف سولا هلڪا کاڌا تيار ڪري ذائقن کي ٻيڻو ڪيو ويندو آهي.

گهڻي قدر سانوڻ ۾ انبڙين، ڌاڻن ۽ مرچن سميت بصرن جون چٽڻيون ٺاهي کاڌي سان گڏ کاڌيون ويندويون آهن پر ڇا توهان شاهجهاني چٽڻي کاڌي آهي؟

شاهجهاني چٽڻي جيڪڏهن توهان هڪ ڀيرو کاڌي ته توهان هر روز کائيندا، اڄ اسان اوهان کي گهر ۾ ئي شاهجهاني چٽڻي ٺاهڻ جو طريقو ٻڌائينداسين ته جيئن توهان پنهنجي کاڌن کي وڌيڪ ذائقيدار بڻائي سگهو.

شيون

ساوا مرچ                                                              ضرورت موجب

سُنڍ                                                                       هڪ انچ جيترو ٽڪرو

ڦودثو                                                                    هڪ ٻه ڪوپ

بصر                                                                       هڪ عدد

ليمي جي رس يا سرڪو                                ضرورت ۽ پسند موجب

لوڻ                                                                         ضرورت موجب

کنڊ                                                                        ننڍي چپٽي

ٺاهڻ جو طريقو

 اجي سڀ شيون کڻو، جيڪي ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ جهڙيون آهن انهن کي ڌوئي صاف ڪري وٺو، پوءِ انهن کي ڪنهن بلينڊر ۾ پيهي وٺو، تيار ٿي وئي توهان جي چٽڻي.

هڪ ڀيرو توهان اها چٽڻي کاڌي انکانپوءِ هر کاڌي وقت جيڪڏهن توهان شاهجهاني چٽڻي نه کائو ته توهان جو کاڌو اڌورو لڳندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.