شاگردياڻي 19 ٻارن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

 

ڏکڻ آمريڪي ملڪ گيانا ۾ اسڪول جي هاسٽل ۾ باهه جي حوالي سان پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته شاگردياڻي انتظاميا طرفان موبائل کسڻ تي اسڪول جي هاسٽل کي باهه لڳائي ڇڏي هئي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گيانا جي ڳوٺ مهديا ۾ باهه هڪ سيڪنڊري اسڪول جي هاسٽل کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو، باهه لڳڻ سبب 19 ٻار مارجي ويا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته اسڪول جي انتظاميا 19 ورهين جي شاگردياڻي کي هاسٽل انتظاميا طرفان موبائل کسڻ تي هن هاسٽل کي باهه لڳائي ڇڏي هئي پر پوليس اهو واضح ناهي ڪيو ته شاگردياڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي يا نه.

اختيارين موجب هاسٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 30 کان وڌيڪ ٻارڙا زخمي آهن جڏهن ته مارجي ويلن ۾ هاسٽل وارڊن جي پنجن ورهين جي پٽ کانسواءِ ٻيا سڀ مقامي شاگرد شامل آهن.

واضح رهي ته آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو لڳل باهه هاسٽل جي سڄي عمارت کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.