ڌيءَ وحشي پيءُ کي ڪرائي جي قاتلن هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو

مهاراشٽرا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ پيءُ کي قتل ڪرڻ لاءِ ڌيءَ ڪرائي جي قاتل جو خدمتون حاصل ڪري ورتيون.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس 35 ورهين جي پَريا نالي عورت کي گرفتار ڪيو آهي جنهن پنهنجي ئي پيءُ کي قتل ڪرائڻ لاءِ ڪرائن جي قاتلن جو خدمتون حاصل ڪيون هيون.

پوليس موجب مهاراشٽرا جي علائقي ناگپور ۾ ٽن ٻٽون ٻڌل جوابدارن 60 ورهين جي دليپ راجيشور کي سندس پيٽرول پمپ تي چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.

پوليس جو چوڻ هو ته ٽنهي ٻٽون ٻڌل جوابدارن کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جاچ دوران هنن پوليس کي ٻڌايو ته کين قتل لاءِ پريا نالي عورت پيسا ڏنا هئا.

پوليس موجب پريا نالي عورت غير ازدواجي لاڳاپن کان روڪڻ تي ماءُ سوڌو ٻين گھروارن تي تشدد ڪرڻ سبب پنهنجي پيءُ کي قتل ڪرائڻ پئي چاهيو، ان ڪم لاٰءِ هن ٽنهي جوابدارن کي 5 لک رپيا ادا ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.