هنڊا جي بائيڪ هاڻي بنا وياج جي قسطن تي وٺو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڀني جي پسنديده موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني ايٽلس هونڊا لميٽڊ هڪ ڀيرو ٻيهر بنا وياج جي قسطن جو پلان متعارف ڪرايو آهي.

هاڻي وڏي پئماني تي ماڻهو اها سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا.

پهريان اها سهولت رڳو بينڪ الفلاح جي واهپيدارن لاءِ هئي پر هاڻي ايم سي بي، بينڪ ال فلاح، يو بي ايل، اسٽينڊرڊ شارٽرڊ ۽ فيصل بينڪ جا واهپيدار به ان سهولت مان فائدو وٺي سگهن ٿا.

هن بهترين پلان جا ٿورا شرطبه آهن ته زيرو پرسنٽ وياج ڪريڊٽ ڪارڊ هولڊرز کي ڏنو ويندو.

اهڙي آڇ دراز جي آن لائن اسٽور تي ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ سوزوڪي پاران به قسطن وارو پلان هلندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.