لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر پي سي بي جي روٽيشن پاليسي کي ساراهيندي شاهين شاهه آفريدي کي اڻ سڌي طرح تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد عامر جي روٽيشن پاليسي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انجري جي شڪار رانديگرن کي بنا سبب کيڏائڻ ٽيم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته بورڊ روٽيشن پاليسي اهڙي وقت ۾ اختيار ڪئي جڏهن هو مسلسل ڏسي رهيا آهن ته اهم رانديگرن جي انجرڊ ٿيڻ سبب پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ فائنل ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
فاسٽ بالر چيو ته پهريان ڪرڪيٽ ۾ روٽيسن پاليسي نه هئي پر هاڻي بورڊ انتظاميا سٺو قدم کنيو آهي، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران آسٽريليا ۾ ڪيئي انجرڊ ڪرڪيٽرن مُلڪ جي نمائندگي ڪئي جنهن جو نقصان ٿيو.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ فائنل ۾ انگلينڊ خلاف ميچ ۾ شاهين انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن بعد کيس ميدان مان ٻاهر وڃڻو پيو هو.