ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي ٽن ڊويزنز ۾ انٽر جا امتحان ٽيهه مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ويو آهي.
صوبائي وزير اسماعيل راهو موجب، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ امتحان ٽيهه مئي کان ٻن شفٽن ۾ ورتا ويندا جنهن ۾ چار لک اڻاسي هزار شاگرد حصو وٺندا.
اسماعيل راهو ٻڌايو ته ٽنهي ڊويزنز ۾ ٽي سئو نوي ويجلنس ٽميون جوڙيون ويون آهن ۽ ست سئو امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.