ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ جي عدالت نورين فاطما قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس نورين فاطما قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻنهي جوابدارن کي سخت پهرين ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالت مقتول ناري جي ڀاءُ محسن مهر ۽ چاچي جمن مهر کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.
عدالت پوليس کي جوابدارن جي علاج لاءِ اسپتال مان طبي معائنو ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.
عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گرفتار جوابدار محسن چيو ته مٿن تشدد ڪيو ويو آهي ۽ کين اميد آهي ته عدالت اصل جوابدارن تائين پهچندي.
گرفتار جوابدار جمن مهر چيو ته کيس خبر ناهي ته پسٽل مقتولا وٽ ڪيئن پهتو ۽ هن اهڙو قدم ڇو کنيو.