خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ امتحان دوران سخت گرمي سبب يارهين جماعت جو شاگرد فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي بيهوش ٿي ويا.
خيرپور ۾ گرمي پد 45 ڊگري کان به وڌي ويو، جڏهن ته امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ شاگردن کي ويتر عذاب ۾ وجهي ڇڏيو.
اڄ فرسٽ ايئر جي امتحان دوران ڪلاس رومز ۾ گرمي هجڻ سبب ڊرٻ ميهر شاهه ڊگري ڪاليج، ڪوٽڏيجي ڊگري ڪاليج، ٺيڙهي ڊگري ڪاليج سميت مختلف ڪاليجن ۾ ڪيترائي شاگرد بيهوش ٿي ويا.
ڊگري ڪاليج ٺيڙهي ۾ امتحان ڏيڻ دوران گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويل هڪ شاگرد مهتاب علي پٽ قربان علي ميربحر فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ شاگردن احتجاج ڪندي ان جو ذميوار واپڊا کي قرار ڏنو.
هنن چيو ته سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شاگرد جو قتل ڪيس واپڊا وارن تي داخل ڪيو وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي.