پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي سعودي پرو ليگ ۾ گول ڪرڻ بعد سجدو ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سُپر اسٽار فٽبالر رونالڊو جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو الشباب جي خلاف گول ڪرڻ کانپوءِ سجدو ڪري رهيو آهي، جنهن بعد سمورا رانديگر جشن ملهائي رهيا آهن.
رونالڊو اڪثر گول ڪرڻ کانپوءِ مختلف انداز ۾ جشن ملهائيندو آهي پر گذريل ڏينهن هن سجدو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
الاول پارڪ اسٽيڊيم ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو ڪرسٽيانو رونالڊو ميچ جي 59 هين منٽ ۾ گول اسڪور ڪيو، سندس ٽيم النصر، الشباب خلاف 2-3 تان ڪاميابي ماڻي ۽ سعودي پرو ليگ جي فائنل کيڏڻ لاءِ اميدون برقرار رکيون.
@Cristiano performing Sajood after leading Al-Nassar to crucial victory to stay Alive in Saudi league. What a sight. May Allah guide him to right path. Aameen#Al_NassarvsAl_Shahab #CristianoRonaldo #Ronaldo𓃵 pic.twitter.com/OWXsIlyWLE
— Khawaja Haris Ismail (@H_I_khawaja) May 24, 2023
ياد رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ کانپوءِ رونالڊو، النصر ڪلب جوائن ڪئي هئي ۽ هو سعودي پرو ليگ ۾ النصر جي نمائندگي ڪندي 14 گول اسڪور ڪري چڪو آهي.