روز هڪ صوف کائڻ سان ڇا ٿئي ٿو؟

عام چوڻي آهي ته هڪ صوف کائڻ جي عادت توهان کي ڊاڪٽرن ڏي وڃڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.

ان چوڻي ۾ ڪيتري حد تائين حقيقت آهي اهو چوڻ ته ڏکيو آ پر روز هڪ صوف کائڻ تڪڙي ڪراڙپ ۽ ڪمزوري جهڙي مسئلن کان ضرور پري رهي سگهجي ٿو.

اهڙي ڳالهه آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جواني ۾ وچين عمر ۾ فليونولز نالي جز سان ڀرپور نباتاتي خوراڪ جو استعمال ڪرڻ سان ڪراڙپ ۾ به جسماني مضبوطي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

تحقيق کانپوءِ اها چوڻي صحيح نظر اچي رهي آهي ته هڪ صوف روز کائڻ سان پنهنجو پاڻ کي ڊاڪٽر کان پري رکي سگهجي ٿو، اهو به گهٽ ناهي ته جسماني ڪمزوري ۽ تڪڙي ڪراڙپ کان بچجي.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته روز ڏهه ملي گرام واڌو فليونولز (هڪ وچولي وزن جي صوف ۾ ايترا هوندا آهن) سان عمر سان گڏ ايندڙ جسماني ڪمزورين جو خطرو ويهه سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي.

ماهرن ٻڌايو آهي ته فليونولز سان گڏوگڏ فليونوئڊز جو هڪ ٻيو قسم QUERCETIN واريون خوراڪن سان اهو فائدو ٿيندو آهي.

صوف ۽ بليڪ بيري ۾ فليونولز ۽ QUERCETIN ٻنهي ۾ موجود هوندا آهن ۽ انهن جي استعمال سان جسماني ڪمزوري جي روڪٿام ڪري سگهجي ٿي.

ان تحقيق ۾ سترهن سئو ماڻهن جي خوراڪ جو جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته اهڙي خوراڪ سان عمر وڌڻ سان جسم تي ٿيندڙ ناڪاري اثرن کان بچڻ ۾ وڏي مدد ملندي آهي.

مطلب اهو ظاهر ٿيو ته جيڪڏهن توهان اها خوراڪ جيڪا صوف ۾ آهي يا وري هڪ صوف روز کائو ٿا ته توهان کي ڪمزورين ۽ تڪڙي ڪراڙپ کان بچاءُ ملندو جڏهن ته توهان ڊاڪٽر کان به پري رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.