هڪ آمريڪي ماهر هٿرادو طور تي پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ بنا ئي ڊگهو عرصو پاڻيءَ جي هيٺان رهڻ جو رڪارڊ توڙي ڇڏيو.
جوزف دتوري ڪي لارگو، فلوريڊا ۾ ٽيهه فوٽ گهري پاڻي ۾ هڪ مخصوص ڪمري ۾ چوهتر ڏينهن گذاريا.
ايترا ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هن وقت تائين سندس زمين تي اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي. همراهه جو چوڻ هو ته هو سمنڊ ۾ سئو ڏينهن تائين رهندو.
هن چيو ته ڪجهه نئون ايجاد ڪرڻ جي خواهش مونکي هتي آندو آهي، پهرين ڏينهن کان وٺي منهنجو هدف نئين نسلن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. اهڙي سائنسدانن جا انٽرويو ڪرڻ آهي جيڪي سمنڊ اندر زندگي بابت تحقيق ڪندا آهن ۽ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته انساني جسم انتهائي سخت ماحول ۾ ڪيئن ڪم ڪندو آهي.
انکان اڳ ٻه هزار چوڏهن ۾ ساڳئي ئي هنڌ سڀ کان گهڻا ڏينهن پاڻي هيٺ رهڻ جو رڪارڊ ٽيهتر ڏينهن جو هو جيڪو ٻن پروفيسرن قائم ڪيو هو.
آبدوز جي ابتڙ هڪ لاج ۾ سمنڊ جي اندرين پاڻي جي دٻاءُ ۾ واڌ جي حوالي سان تبديلي نٿي ڪري سگهجي.
پروفيسر دتوري جنهن کي ڊاڪٽر ڊيپ سي جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو پنهنجي سفر جي شروعات هڪ ننڍي ڪمري کان ڪئي.
ماهر جتي پاڻي هيٺ رهي رڪارڊ ٽوڙي رهيو آهي اتي هو ٻاهر نڪري مخصوص ڪم ڪرڻ لاءِ به بيقرار آهي پر في الحال هن سمنڊ مان نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.