چيٽ جي پي ٽي جهڙي وائرل چيٽ بوٽ کي تيار ڪندڙ ماڻهن هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي سبب انسانيت کي پيش امڪاني خطرن بابت آگاهه ڪندي چيو آهي ته هڪ ڏهاڪي جي اندر اندر اهي امڪان حقيقت جو روپ ڌاري سگهن ٿا.
چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ جي شريڪ بانين سام آلٽمين، گريگ بروڪمين ٻين هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي جي امڪاني خطرن بابت خبردار ڪيو آهي.
هنن جو چوڻ ته اها ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته ايندڙ ڏهن سالن جي اندر زندگيءَ جي گهڻي قدر شعبن ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي جي اهليت انسانن کان گهڻي وڌي ويندي.
هنن اي آءِ ٽيڪنالاجي جي حوالن سان قانونن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان جي ڀيٽ انسانيت کي جوهري هٿيارن سبب پيش خطرن سان ڪري سگهجي ٿي.
بلاگ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي اڄ اي آءِ ٽيڪنالاجي سبب پيش امڪاني خطرن جي روڪٿام به ڪرڻ گهرجي پر ايندڙ ورهين۾ سپر اي آءِ ٽولز جي حوالي سان قانون سازي جي ضرورت آهي.
بلاگ موجب، هوريان هوريان اسان کي ٽيڪنالاجي جي اڳڀرائي تي نظر رکڻ لاءِ انٽرنيشنل اٽامِڪ انرجي ايجنسي جهڙن ادارن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي ته جيئن هن ٽيڪنالاجي جي امڪاني خطرن جي روڪٿام ٿي سگهي.
واضح رهي ته اوپن اي آءِ جي چيٽ جي پي ٽي ٽيڪنالاجي ۾ مائيڪرو سافٽ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي آهي جنهن بعد ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپينون به اهڙا اي آءِ ٽولز تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن جيڪي انسانن وانگر فيصلا ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.
ياد رهي ته اڳ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ ڪيئي ڀيرا اي آءِ ٽيڪنالاجي کي انسانيت لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي چڪو آهي.