واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي تحقيقي اداري جي محققن کي 24 هين مئي تي مريخ تان هڪ ” ايلين ميسج “ موصول ٿيندو.
اِهو پيغام آمريڪي سي ايِ ٽي آءِ انسٽيٽيوٽ جو هڪ تجربو آهي جنهن جو مقصد انسانن کي مستقبل ۾ ڌرتي کان ٻاهر جي زندگي جا آثار ڳولڻ جي ڪوشش لاءِ تيار ڪرڻ آهي.
مريخ جي ڀرپاسي گردش ڪندڙ هڪ يورپي آربٽر ٽريس گئس طرفان ڪوڊڊ پيغام اُماڻيو ويندو ۽ عوام کي ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي دعوت ڏني ويندي.
سائن اِن اسپيس پراجيڪٽ نالي پروگرام جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن خلائي تهذيب طرفان هڪ پيغام جو موصول ٿيڻ سموري انسانيت کي بدلائڻ وارو تجربو ثابت ٿيندو.
هنن وڌيڪ چيو ته ان پراجيڪٽ ذريعي ان مرحلي جي تياري ۾ مدد ملندي ۽ زمين تي ٽي ريڊيو آبزوريٽريز ڄاڻايل ڪوڊڊ پيغام موصول ڪندا.
ان پيغام کي هڪ آرٽسٽ Daniela de Paulis ۽ سندس ٽيم تيار ڪيو آهي جنهن جي مواد کي اڃا سامهون ناهي آندو ويو، ڇو جو ماهر پراميد آهن ته عوام ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.
هي پيغام پاڪستان وقت موجب رات ٻارنهين وڳي آربٽر طرفان اُماڻيو ويندو ۽ 16 منٽن بعد ڌرتي تي پهچي ويندو.
پيغام ملڻ بعد اهو عوام لاءِ جاري ڪيو ويندو ته جيئن ان جي مفهوم کي سامهون آڻي سگهجي.
ان حوالي سان ماڻهن کي پراجيڪٽ جي ويب سائيٽ تي وڃي هڪ فارم ۾ پنهنجا خيال لکڻا پوندا.
واضح رهي ته سموري دنيا ۾ سائنسدان ڏهاڪن کان ڌرتي کان ٻاهر زندگي جا آثار ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اڃا تائين کين ڪائي ڪاميابي ناهي ملي سگهي.