منگهي پير ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ اسپتال جو افتتاح

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ منشيات جي علاج لاءِ اسپتال جو افتتاح ڪيو ويو.

منگهي پير ۾ بينظير شهيد ماڊل ايڊڪشن ٽريٽمينٽ اينڊ ري هيبليٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو، تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏوگڏ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اسپتال ۾ نشي جي عادي ماڻهن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته مريضن کي سماجي سرگرمين جا موقعا به فراهم ڪيا ويندا.

افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اسان سڀ گڏجي صوبي ۽ ملڪ کي ڊرگ فري بڻائينداسين.

هن چيو ته معاشري ۾ ڪيترن ئي گهراڻن جا ماڻهو نشي جا عادي آهن، نشي جي پهچ جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.