گهريلو شين سان جنسي مسئلن جا جاودئي اثرن وارا حَل

هتي اسان صحت جي حوالي سان مختلف خبرون ڏيندا رهندا آهيون ۽ جئين ته جنسي ڪمزوري يا جنسي طاقت به هڪ صحت جو وڏو مسئلو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو بي اولادي جو شڪار به بڻجي وڃن ٿا.

اڄڪلهه جي ڪيميڪل مليل کاڌن ۽ غير معياري کاڌن جي ڪري ملڪ سميت دنيا ۾ جنسي ڪمزوري جون بيماريون وڌنديون پيون وڃن.

ياد رکو ته جنسي ڪمزوري ڪنهن به هڪ نه پر مختلف سببن جي ڪري ٿي سگهي ٿي ۽ انهن سڀني جا مختلف حل ٿي سگهن ٿا. مختلف ڊاڪٽرن يا حڪيمن کان دوائون وٺي استعمال ڪرڻ توهان جي جنسي طاقت جي لاءِ انتهائي خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو.

ان حوالي سان اڄ اسان اهڙي مسئلي کي نظر ۾ رکندي هتي اهڙيون ته قدرتي شيون کڻي آيا آهيون جن سان ڪهڙي به قسم جي جنسي ڪمزوري ختم ڪري سگهجي ٿي. نه رڳو ايترو پر جنسي طاقت جي حوالي سان به اهي کاڌا بهترين ثابت ٿيندا آهن.

جنسي طاقت جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن کي به مسئلو آهي يا ڪير پنهنجي جنسي طاقت وڌائڻ چاهي ٿو ته هيٺين کاڌن کي پنهنجي زندگي جو معمول بڻائي.

موري

موري جا هونئن به صحت جي حوالي سان ڪيترائي فائدا آهن پر ان جي ذائقي ۾ تيزي جنسي حوالي سان به تمام گهڻي فائديمند آهي. موري جي روزاني ٿوري مقدار ۾ ئي کائڻ سان جنسي طاقت ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي. انکانسواءِ موري جگر جي ڪم ڪار کي به بهتر رکندي آهي ته جيئن ڪوليسٽرول ۽ ٻين ڪيميائي مادن جي نيڪالي مناسب رهي.

سلاد جا پَن

سلاد جا پن ڪوليسٽرول کي گهٽائيندا آهن، رت جي وهڪري کي بهتر بڻائيندا آهن ۽ جنسي عضون ۾ مضبوطي جو سبب بڻبا آهن جنهن سان جنسي طاقت ۾ واڌ ٿيندي آهي.

ڦودو

ڦودنو هر گهر جي رنڍڻي واري سبزي آهي. اهو سلاد سميت ڀاڄين ۾ به استعمال ٿيندو آهي. ڦودني جي ڪهڙي به انداز سان استعمال ڪرڻ سان عورتن ۾ جنسي جذبي جي واڌ ٿيندي آهي جڏهن ته مردن ۾ مرداڻي ڪمزوري جا هر قسم جا مسئلا حل ٿي ويندا آهن.

ڳاڙها مرچ

ڳاڙهن ۾ مرچن ۾ وٽامن سي جو ججهو مقدار موجود هوندو آهي. ڳاڙها مرچ رت جي وهڪري ۾ تيزي آڻيندا آهن. انکانسواءِ ڳاڙهن ۾ مرچن ۾ هڪ ڪيپساسين ڪيميڪل موجود هوندو آهي جيڪو جنسي طاقت جي لاءِ بهترين ڪيميڪل هوندو آهي.

ڪارا مرچ

مختلف شين جيان ڪارن مرچن جا به ڪيترائي فائدا آهن. ڪارن مرچن جو استعمال جنسي خواهشون پيدا ڪندو آهي ۽ جنسي طاقت جي لاءِ به فائديمند آهي. ان سان گڏ ٻارن کي کير پيئاريندڙ مائرن جي لاءِ به ڪارا مرچ تمام گهڻا فائديمند آهن اهي مائرن جي ٿڃ ۾ واڌ ڪندا آهن.

سُنڍ ۽ وڏف

اسان هاڻي جن ٻن شين جو ذڪر ڪيو آهي اهي جنسي طاقت جي حوالي سان وياگرا جو ڪم ڪنديون آهن. انهن جو ٿورو ئي مقدار استعمال ڪرڻ سان جسم ۾ گرمي اچي ويندي آهي. پر ياد رکو انهن جو گهڻو استعمال بلڊ پريشر ۽ بواسير (موڪن جي بيماري) جو به سبب بڻبو آهي.

بصر

بصر اهڙي سبزي آهن جيڪي ٽيهه کان وڌيڪ کلڙن تي مشتمل هوندا آهن جيڪي هاضمي جي نظام کي تيز ڪندا آهن ۽ انکانسواءِ رت کي ڇڊو ڪندا آهن. بصر به جنسي طاقت جي لاءِ وڏو مددگار وظيفو ثابت ٿيندا آهن.

ٿوم

ٿوم ۾ به بصرن جهڙيون خاصيتون هونديون آهن. ٿوم ڪوليسٽرول گهٽائي جنسي ميلاپ جي خواهش کي تيز ڪندي آهي ۽ رت جو وهڪرو وڌائيندي آهي.

ننڍا فوٽا

ننڍن فوٽن ۾ ٻه اهڙا مرداڻا هامونز ٺاهڻ وارا ڪيميڪل آهن جيڪي جنسي خواهشن جي حوالي سان بهترين سمجهيا ويندا آهن ۽ جنسي خواهشون پيدا ڪندا آهن. انهن ۾ موجود سينيول مک اعصابي نظام کي بهتر ۽ بيدار ڪندو آهي.

وڏف

وڏفن جي اسان اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيا آهيون ته انهن جا ساهه جي سٺي ڪرڻ سميت ٻين فائدن سان ڀرپور آهن. وڏفن جو لڳاتار استعمال جنسي خواهشن کي وڌائيندو ۽ پيدا ڪندو آهي.

مڇي يا السي جو تيل

اوميگا ٿري سڻڀي تيزاب جي ڪري رت تي موجود ڪوليسٽرول کي گهٽائيندو آهي ۽ جنسي ڪمزوريون پيدا ٿيڻ ناهي ڏيندو.

انهن شين کي استعمال ڪري بنا ڪنهن نقصان جي جنسي ڪمزورين مان جان ڇڏائي ۽ جنسي طاقت ماڻي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.