ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ منشيات ڪيس ۾ جوابدار کي ڦاهي ٿيڻ تي جاچ آفيسر لاءِ 3 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته منشيات ڪيس ۾ جيڪڏهن جوابدار کي ڦاهي تائين سزا ٿئي ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي 3 لک رپيا انعام ڏنو ويندو.
هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ به موت جي سزا برقرار رکي ٿي ته جاچ آفيسر کي وڌيڪ ٻه لک رپيا ملندا.
سندس چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم هڪ پراڻو ايشو آهي، جنهن سان ڪرائيم ٿيندو آهي، سوسائٽي ۽ پوليس کي ان سان گڏ هجڻ گهرجي، ڪرمنلز کي پڪڙڻ گهرجي ۽ سزا ٿيڻ گهرجي.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪوتاهي ڪندڙن کي سزا ملندي، ان جا هاڪاري نتيجا هوندا، سٺي ڪارڪردگي تي آفيسرن کي انعام به ڏنا ويندا آهن، سٺي ڪارڪردگي وارن پوليس آفيسرن کي انعام ڏيڻ لاءِ فنڊن جي سفارش به ڪئي آهي.