سنڌو درياهه مان سون ڪڍڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور تي سون ڪڍڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.

چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ نور عالم خان انڪشاف ڪيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وچ ۾ اٽڪ واري هنڌ تي سنڌو درياهه مان سون ڪڍيو پيو وڃي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پنجاب ۽ ڪي پي حڪومت کي سون ڪڍندڙن کي روڪڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن کي به بنا معاوضي يا ليز سون ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

نور عالم خان جو چوڻ هو ته اٽڪ جي مقامي انتظاميا کي چوندس ته غير قانوني سرگرمين کي روڪين، درياهه مان مشينن ذريعي سون ڪڍيو پيو وڃي، ليز تي سون ڪڍڻ جي اجازت سان اها رقم قومي ناڻي ۾ ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.