نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا کي عورتن جي حقن بابت هلندڙ جاڳرتا مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي اهم اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
ثانيه مرزا کي پاڪستان ۽ ڀارت کانسواءِ سموري دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو آهي، ٽينس اسٽار کي عورتن جي حقن بابت آگاهي ڦهلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ڀارت ”انسپائريشن جنريشن ايوارڊ “ سان نوازيو ويو آهي.
ثانيه مرزا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ايوارڊ تصويرون شيئر ڪيون آهن، هڪڙي تصوير ۾ کيس هلڪي نيري نرگ جي خوبصورت ساڙهي پهريل آهي ۽ ٻي تصوير ۾ سندس هٿ ۾ ايوارڊ آهي.
ٽينس اسٽار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته عورتن جي ايوارڊ لاءِ کيس نامزد ڪرڻ تي هوءَ جيوري جي ٿورائتي آهي.
Thank you @FeminaIndia for this honor 💙 pic.twitter.com/3xmTrqDk2T
— Sania Mirza (@MirzaSania) May 22, 2023
هن وڌيڪ لکيو ته نئين نسل کي اتساهڻ لاءِ سندس نالي جي چونڊ ڪرڻ تي هوءَ سمورن ماڻهن جي ٿورائتي آهي ۽ اڳتي پڻ پنهنجي ڀرپور ڪوششن ۽ ڪمن ذريعي نئين نسل کي اتساهيندي رهندي.