ڄام ڪمال جي پ پ ۾ شموليت جو امڪان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي.

آصف علي زرداري ۽ ڄام ڪمال وچ ۾ ملاقات بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ موجوده ملڪي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ۾ پ پ بلوچستان جو صدر چنگيز جمالي ۽ مير علي حسن زهري به موجود هو.

ذريعن موجب ڄام ڪمال جو تمام جلد پ پ ۾ شموليت جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.