ميون جو سردار انب مٺو آهي يا نه! چونڊ ڪئين ڪجي؟

گرميون اچڻ سان ماڻهو پريشان ته ٿي ويندو آهي پر انبن کائڻ جي خوشي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي جاءِ تي ضرور هوندي آهي ڇو ته ان موسم ۾ ميون جو سردار ميوو کائڻ جو موقعو ملي ٿو. شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن کي انب نه وڻندا هجن پر ڇا توهان کي خبر آهي ته مٺي ۽ سٺي انبن جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي؟

سنگهي سڃاڻپ ڪرڻ

انب وٺڻ کان اڳ انکي چهنب واري پاسي جتان ڏاري هوندي آهي کي سنگهي ڏسجي، جيڪڏهن اها خوشبو توهان کي سڪون ڏيندڙ هجي، هلڪي هلڪي مٺي محسوس ٿئي ته انب تمام مٺو هوندو. پر اهو خيال رکڻ گهرجي ته سُڪا ۽ سنها انب وٺڻ کان ٿورو پاسو ڪيو وڃي ۽ ٿلها انب ورتا وڃن گهڻي ڀاڱي ٿلها انب مٺا هوندا، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجهه انبن جو قسم ئي سنهو هجي.

ڇُهي ڏسڻ

ڇُهڻ هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن سان توهان منٽ ۾ انب جي خاصيتن بابت ڄاڻي سگهو ٿا. وڻ تي پڪل انب ٿورو نرم هوندا آهن جيڪڏهن انهن کي زور ڏجي ته اهي اندر دٻٻا آهن اها انهن جي مٺي هجڻ جي خاص نشاني هوندي آهي. اهو خيال رکڻ گهرجي ته گهڻا نرم انب ڳريل هجن ٿا.

ڏسڻ سان جائزو وٺڻ

رس وارو انب ڪنهن فوٽبال جهڙو هوندو آهي، انڪري اهڙي انب جي چونڊ ڪيو جيڪو گول مٽول هجي، ائين نه ته انب مڪمل طور گول هوندو پر پنهنجي بناوت جي حساب سان انب جي گولائي پرکي سگهجي ٿي.

رنگ ذريعي سڃاڻپ

رڳو رنگ مان انب جو مٺو، خوشبودار يا رسيلو هجڻ جو اندازو لڳائڻ ناممڪن هوندو آهي ڇو ته مختلف نسلن جي انبن جي پنهنجي سڃاڻپ هوندي آهي پر ان مسئلي جو حل به موجود آهي. توهان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته گرمين جي موسم ۾ هاڻي ڪهڙي ڪهڙي نسل جا انب مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن جنهن کانپوءِ توهان ٻڌايل طريقن تي عمل ڪري سُٺا ۽ بهترين انب خريد ڪري سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.