لنڪا پريميئرليگ لاءِ بابر اعظم جو ڪولمبو اسٽرائيڪرز سان سڌي ريت معاهدو

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم سان ايل پي ايل جي فرنچائز ڪولمبو اسٽرائيڪرز هلندڙ سال ٽورنامينٽ لاءِ سڌي ريت معاهدو ڪري ورتو آهي.

سريلنڪن ميڊيا موجب، ايندڙ مهيني ٿيندڙ نيلاميءَ کان اڳ بابر اعظم ايل پي ايل ڪانٽريڪٽ تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد هو سڌي ريت معاهدو ڪندڙ ڪرڪيٽرن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.

بابر اعظم ڪولمبو اسٽرائيڪرز سان معاهدو ڪيو آهي، ان کانسواءِ فاسٽ بالر نسيم شاهه، آءِ پي ايل ۾ ٽاپ ڪلاس پرفارمنس جو مظاهر ڪندڙ مٿيا پاٿيرانا ۽ چميڪا ڪرونارتني جا به  ڪولمبو سان معاهدا طئي ٿي ويا آهن.

لنڪا پريميئر ليگ جو چوٿون  ايڊيشن 31 جولاءِ کان 22 آگسٽ تائين کيڏيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.