ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو کي ويرات ڪوهلي ۽ اسٽيو سمٿ کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام دوران مداح شاهد آفريديءَ کان سوال ڪيو ته اوهان ويرات ڪوهلي، اسٽيو سمٿ ۽ بابر اعظم مان ڪنهن جي ڪور ڊرائيو کي پسند ڪريو ٿا؟.
مداح جي سوال تي شاهد آفريدي ٻڌايو ته هو ان فهرست ۾ بابر اعظم جو پهريون نمبر هوندو، جڏهن ته ٻيو نمبر ويرات ڪوهلي ۽ ٽيون اسٽيو سمٿ جو آهي.
شاهد آفريدي چيو ته بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو وڻندڙ هوندي آهي ۽ هو ڏاڍي خوبصورتي سان اها شاٽ کيڏندو آهي.