خوشخبري! ٻارڙن کي پيمپر پارائڻ واري تڪليف مان ڇوٽڪارو

هتي اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ سولي آهي ته انسان جي جسم تي دماغ جو ضابطو هجي ٿو، اهو ائين ته ٻار جيئن ته سوچڻ سمجهڻ ۽ پرکڻ واري عمل کان گهڻو پري هوندا آهن انڪري انهن جو سندن ئي جسم تي ڪو به ضابطو ناهي هوندو.

دماغ تي ضابطو نه هجڻ ڪري فطري عمل ته ڪڏهن به نٿا رڪجي سگهن؟ روئڻ هجي، بک جو لڳڻ هجي، کلڻ هجي، پيشاب يا ڪاڪوس جو اچڻ هجي، ٻارن کي اهڙي شين جي لاءِ مهل يا وقت ضروري ناهي هوندو.

ننڍن ٻارن کي بُک لڳندي ته اهي نه جاءِ ڏسندا نه ئي مهل، بس اهي روئڻ شروع ڪندا، اهڙي ئي ريت انهن کي پيشاب يا ڪاڪوس جي حاجت ٿيندي ته اهي هنڌ بستر يا ڪنهن پرائي پنهنجي جي گهر ۾ هجڻ جو نه سوچيندا ڇو جو انهن جو سندن دماغ تي ضابطو ناهي هوندو.

اهڙي صورتحال ۾ مائرون ٻارن جي لاءِ هر وقت کير پنهنجي پرس ۾ رکنديون آهن ۽ گهڙي گهڙي جي پيشاب اچڻ جي ڪري ڪپڙا خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پيمپر جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو ٻار لاءِ سڪول سان پنج ڇهه ڪلاڪ ڪڍي سگهي ٿو.

مائرون پنهنجي تڪليف گهٽائڻ يا انکان بچڻ جي لاءِ ٻارن کي پيمپر ته ٻڌي ڇڏينديون آهن جيڪي انهن جون ڏکيائيون گهٽائيندا ته ضرور آهن پر گهڻو وقت يا سڄو ڏينهن پيمپر ۾ رهڻ جي ڪري ٻار ڊائپر ريشز جو شڪار بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جون ٽنگون ڳري پوند ٿيون جيڪو ڪنهن به حوالي سان نظرانداز ڪرڻ عمل ناهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر مائرن وٽ ٻارن کي پيمپر جي ريشز کان بچڻ لاءِ مختلف ڪريمون موجود هونديون آهن يا وري اهي پيمپر پارائڻ کان اڳ ٻارن کي پائوڊر ضرور هڻنديون آهن.

پيشاب هجي يا ڪاڪوس انساني فضلي ۾ تيزابيت هوندي آهي جنهن جي ڪري بيڪٽيريا کي طاقتور ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ جٿي جٿي ٻارن کي اهو فضلو لڳندو آهي انهن جون اهي جايون سڙنديون رهنديون آهن.

جيڪڏهن پيمپر پارائڻ سان توهان جا ٻار به ريشر جو شڪار ٿيندا آهن يا وري نه به ٿين ٿا پر انهن کي تڪليف ضرور هوندي آهي، انهن کان بچڻ جي لاءِ بازاري ڪيميڪل واري شين جو استعمال وري گهر ۾ ٺهيل شين جي ڀيٽ ۾ نقصانڪار هوندو آهي. انڪري اڄ اسانهن مائرن جي لاءِ اهڙيون ڪجهه ڪريمون آنديون آهن جيڪي پنهنجي ٻارن کي لڳائي انهن کي پيمپر ريشز کان بچائي سگهن ٿيون.

نمبر هڪ

ناريل ۽ مڪئي

مڪئي جو اٽو اينٽي فنگل هوندو آهي انکي ناريل جي تيل ۾ ملائي ڊائپر ريش ڪريم ٺاهي سگهجي ٿي جيڪا توهان جي ٻارن کي ريشر ۽ داغ ڌٻن وغيره کان محفوظ رکندي آهي ۽ توهان کي اهڙي پريشانين کان بچائيندي آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي ٻارن کي پيمپر پارائيندا آهيو ته توهان کي گهر ۾ اها ڪريم ضرور ٺاهڻ گهرجي جيڪا توهان جي ٻار لاءِ پرسڪون ثابت ٿيڻ سان گڏ ان کي تڪليف کان بچائيندي.

طريقو

ڪنهن ٿانوَ ۾ ٻه چمچا ناريل جو تيل گرم ڪيو ۽ ان ۾ هڪ چمچو مڪئي جي اٽي جو وجهو، ان ۾ صحيح نموني چمچو گهمائيندا رهو ته جيئن تيل ۽ اٽي جي ڪريم برابر ۽ بهترين ٺهي سگهي، ان ڪريم ۾ هڪ وٽامن اِي جو ڪيپسول وجهو. ائين ڪرڻ سان توهان جي لاءِ هڪ بهترين ڪريم تيار ٿي ويندي جنهن کي ٻار جي متاثر ٿيل حصي تي لڳايو يا وري پيمپر پارائڻ کان ٿورو اڳ يا پوءِ لڳايو ته توهان جي ٻار کي سڪون مليل رهندو.

نمبر ٻه بيز ويڪس يا ميڻ

بيز ويڪس جي مدد سان به توهان گهر ۾ بهترين ريشز ڪريم تيار ڪري سگهو ٿا.

بيس ويڪس کي ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي ڳاريو، جنهن وقت ميڻ ڳرڻ لڳي ته جوجوبا تيل پنج کان ڇهه ڦڙا، ٻه چمچا ناريل جو تيل، چانهه جي ٻوٽي جو تيل نوَ يا ڏهه ڦڙا، ليونڊر تيل جا نوَ ڏهه ڦڙا، هڪ چمچو Shea Butter وجهي انکي صحيح نموني ملايو. تيار ٿي وئي توهان جي ريشز ڪريم.

هاڻي اها ڪريم توهان پنهنجي ٻار کي هڻي ان جا داغ ڌبا ختم ڪري سگهو ٿا.

ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته جيڪڏهن توهان جو ٻار ڇهه مهينن کان ننڍو آهي ته ان ۾ چانهه جي پتي جي ٻوٽي واري تيل جو استعمال نه ڪيو. Tea Tree جو تيل ڇهه مهينن کان وڏي ٻارن لاءِ ئي استعمال ڪرڻ گهرجي.

نمبر ٽي

هربين جو پائوڊر

هربيون کائڻ جا تمام گهڻا فائدا آهن جيڪي توهان کي عوامي آواز جي ويب سائيٽ تي ملي سگهن ٿا پر ان مان ٺهيل ڪريم توهان جي چمڙي کي نرم ڪندي آهي ۽ ان سان گڏ اها اينٽي فنگل هجڻ جي ڪري توهان کي جراثيمن کان به بچائيندي آهي ۽ زخم ختم ڪندي آهي.

طريقو

ٻه چار هربيون کڻي انهن جو پائوڊر ٺاهيو، ان پائوڊر ۾ ٻه چمچا ناريل جو تيل وجهو، ليونڊر تيل جا نوَ ڏهه ڦڙا ۽ Shea Butter جو هڪ چمچو وجهي انکي صحيح نموني پچايو، پچائڻ کانپوءِ توهانجي ڪريم تيار ٿي ويندي، هاڻي ٿڌو ڪري انکي ڪنهن دٻي ۾ رکو ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ استعمال ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.