2 لک رپين جو برگر ڏسي وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو !

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر فلاڊيلفيا ۾ ريسٽورينٽ هڪ اهڙو چيز برگر لانچ ڪيو آهي جنهن جي قيمت 777 ڊالر آهي.

هڪ نئين برگر جوائنٽ گولڊ اسٽينڊرڊ برگ جي نالي سان هڪ چيز برگر لانچ ڪيو آهي.

هن کي سڀ کان مهانگو برگرهجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي.

هن جاءِ جا مالڪ جارج سيوريس ۽ سندس ڀيڻ واسليڪي سيوريس آهن. هو چون ٿا ته مينو سان پنهنجي مهمانن کي ڪجهه حيران ڪندڙ شيون، تخليقي ۽ مزيدار شيون فراهم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيون.

برگر هڪ واگيو اسٽيڪ برگر آهي جنهن ۾ پراڻا آئرش چيڊر، ماکي، بليڪ ٽرفل ۽ ڪوگناڪ سان گڏلابسٽر فليم گرل ڪيو ويو آهي.

بريوچي بن کي سون جي پتي جو تهه ڏنو ويندو آهي ۽ ان کي مانوڪا ماکي ۽ فرائيز سان پيش ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.