سڀاڻي ڪراچي ۾ وڏي آنڌاري ايندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ سڀاڻي معمول کان وڌيڪ تيز هوائون گهلڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

سومر تي شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، سڄو ڏينهن هوائن ۽ ڏکڻ-اولهه واري سامونڊي هوائن سبب هوا ۾ گهم 73 سيڪڙو تائين وڌي جنهن سبب گرمي جي شدت وڌي وئي.

گرمي پد کان 5 درجا وڌيڪ محسوس ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 34.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي تيز هوائون به گهلي سگهن ٿيون، هوائن جي رفتار 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان وڌي سگهي ٿي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران موسم گرم ۽ خشڪ ۽ جهڙالي رهندي ۽ شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.

صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم سخت گرم رهندي، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور جي ضلعن ۾ پارو 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.