دل، دماغ ۽ معدي جو جياپو، سانوڻ جو بهترين گهريلو شربت

ٿي سگهي ٿو ته صندل سڀ ڪنهن نه ڏٺو يا استعمال ڪيو هجي پر ان جو نالو ضرور سڀني ٻڌو هوندو. حقيقت ۾ صندل صابڻ، ڪريم ۽ ٻين خوبصورتي جي شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو خوبصورتي جي لاءِ تمام بهتري آهي پر نه رڳو خوبصورتي پر صندل جا صحت لاءِ به ڪيترائي فائدا آهن جنهن بابت يقينن ڪنهن کي خبر نه هوندي، ڇو ته جيڪڏهن سڀني کي صندل جي فائدن جي خبر هجي ته اهو هر گهر ۾ ضرور موجود هجي ها.

اڄ اسان اوهان کي صندل جي اهڙن حيرت جوڳن فائدن بابت ٻڌائينداسين جنهن کانپوءِ توهان به ان کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

صحت جا فائدا

سڀني کان بهترين صندل اهو هوندو آهي جنهن ۾ خوشبو گهڻي ۽ تندون گهٽ هجن.

صندل دل جي مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ ۽ انهن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. صندل جو استعمال دماغ جي لاءِ به انتهائي فائديمند هوندو آهي جنهن سان ذهني پريشانين جي خاتمي سميت دماغ کي طاقت ملندي آهي.

صندل جو استعمال دل جي ڌڙڪي کي نارمل ڪرڻ، بيقراري ۽ گهٻراهٽ ختم ڪرڻ لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿئي ٿو.

صندل جو مزاج ٿڌو ۽ خشڪ هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته صندل معدي جي خطرناڪ گرمي کي ختم ڪرڻ ۽ معدي جي بيمارين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، توهان معدي کي فائدي ڏيڻ جي لاءِ حڪيمن جا تيار ٿيل مختلف شربت ضرور پيتا يا ڏٺا هوندا جنهن ۾ صندل جو استعمال ٿيل هوندو آهي، پر صندل جو الڳ شربت به ملي ٿو جيڪو معدي سميت صحت لاءِ تمام فائديمند هوندو آهي.

هاءِ بلڊ پريشر ڪنٽرول

اڇو صندل پنج تولا، ننڍي چندن اڍائي تولا، ننڍا ڦوٽا اڍائي تولا انهن سڀني شين کي سنهو پيهي پائوڊر ٺاهي وٺو، انکانپوءِ هڪ چانهه جو چمچو صبح ۽ شام هڪ ڪوپ گائوزبان جي عرق سان گڏ استعمال ڪيو، اهو هاءِ بلڊ پريشر جي لاءِ انتهائي فائديمند آهي.

شربت ٺاهڻ جو طريقو

صندل جو شربت ٺاهڻ جي لاءِ صندل برادا (ململ جي ڪپڙي جي ڳنڍ ۾ ٻڌل) گلاب جو عرق ٻه بوتلون وٺو. هاڻي برادا صندل کي گلاب جي عرق ۾ پُسائي رکو. صبح جو اٿي صحيح نموني انکي جوش ڏيو ۽ اها ڳٿلي ڪڍي ان ۾ ڏيڍ ڪلو تائين کنڊ ملايو، جنهن وقت کنڊ گڏجي وڃي ۽ اهو روح افزا جهڙو گهاٽو ٿي پوي ته شربت کي باهه جي چُلهي تان هٽايو ۽ پوءِ ٿڌو ڪري انکي ڪنهن صاف ۽ خشڪ بوتل ۾ ڀري رکو.

هاڻي جڏهن به دل چوي ته صندل جي شربت جا هڪ يا ٻه چمچا ٿڌي اڻي جي هڪ گلاس ۾ وجهي ملائي ٿوري پي وٺو.

اهو شربت سانوڻ ۾ توهان جي دل، بلڊ پريشر، ذهني پريشانين، دماغي طاقت ۽ ٻين ڪمزورين جي لاءِ تمام فائديمند ٿابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.