ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راهو وفاق کان سنڌ ۾ آدم شماري جي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته سموري سنڌجي ڳڻپ اڃا مڪمل نه ٿي آهي، تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي.
ملڪ جي مخصوص شهرن جي تاريخ وڌائڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي گھٽ ڳڻڻ واري عمل کي برداشت نه ڪنداسين, سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ آدم شماري جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي.
ھن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ آدم شماري جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته نتيجا قبول نه ڪنداسين،سنڌ جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تائين آدم شماري جو عمل جاري رکيو وڃي.