حيدرآباد(رپورٽر) وومين ايڪشن فورم پاران”ڊجيٽل آدمشماري؛ سنڌ جا اعتراض ۽ مستقبل جو منظر نامو“ جي عنوان هيٺ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر سان ويهڪ منعقد ڪئي وئي.
سينيٽر تاج حيدر ڳالهائيندي چيو ته هاڻ وڏي سازش ٿي رهي آهي ته ڪراچي کانسواءِ باقي سڄي سنڌ جي آدمشماري گهٽائي وڃي، ڪهڙي قانون تحت وڙهي ڪري ڪراچي جي لاءِ آدم شماري جي ڏينهن ۾ واڌ ڪئي وئي، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ خاندان جي سائيز گهٽائي وئي آهي.
بيورو آف اسٽيٽڪس سنڌ ۽ پاڪستان جي يونيسيف جي نگراني هيٺ ٿيل ملٽي انڊيڪيٽر سروي موجب 6 پوائنٽ 4 سيڪڙو خاندان جي سائيز آهي، ان فيملي سائيز موجب به سنڌ جي آبادي 8 ڪروڙ 51 لک کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿي، هن آدم شماري ۾ سنڌ جي 3 ڪروڙ آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ 43 هزار 748 آدمشماري جي لاءِ بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، قانون موجب هر بلاڪ ۾ اڍائي سئو خاندان هجڻ گهرجن، جيڪڏهن رڳو انهن بلاڪن کي جي حساب سان انگن اکرن کي ڏٺو وڃي ته سنڌ جي آبادي ڪيتري ٿي وڃي ٿي، هاڻوڪي آدم شماري 2017ع واري آدم شماري کان به وڌيڪ خراب آهي، ٽي وي چئنلن تي سڄو بحث پنجاب جي صورتحال تي ٿي رهيو آهي، آدم شماري تمام وڏو مسئلو آهي، پر اهو ميڊيا تان غائب آهي.
هن چيو ته 2017ع جي آدمشماري ۾ خاندان جي سائيز ۾ ڪراچي کانسواءِ باقي سنڌ جي ٻين سمورن ضلعن ۾ گهٽائي وئي، سنڌ جي ٻين ضلعن سان اهو ظلم ٿيو، پر گوڙ گهڻو رڳو ڪراچي جي آبادي تي ڪيو ويو.
هن چيو ته آدم شماري ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان سنڌ جي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي، سنڌ ۾ ٻين صوبن مان ماڻهو اچي رهيا آهن، سنڌ تي تمام گهڻو بار پئجي رهيو آهي، ان ڪري اسپتالن جي حالت به سڀني جي سامهون آهي، پر سنڌ جي اسپتالن جي صورتحال بهتر آهي، ٻين صوبن مان سنڌ ايندڙ ماڻهن جو تعداد روز وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي نه ڳڻڻ جي ڪري 2017ع واري آدمشماري ۾ اسان جي آبادي ۾ تمام گهڻو فرق پيو، سنڌ ۾ غير قانوني ايندڙ ماڻهن جو به وڏو تعداد آهي، جيڪو تمام وڏو مسئلو آهي.
هن چيو ته انگن اکرن کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو ان جي لاءِ ڪجهه طريقا موجود آهن، نادرا جي ذريعي آبادي جا انگ اکر ملي سگهن ٿا، ٻيو طريقو اهو آهي ته ملٽي انڊيڪيٽر سروي ۾ اصل صورتحال سامهون اچي سگهي ٿي، اها سروي يونيسيف ڪرائيندو آهي 13 ارب روپيا بچي پوندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو حال اهو آهي ته جنهن به مسئلي جي نشادهي ڪري لک پڙهه ڪجي ٿي ته ان جو جواب مهينن کانپوءِ ملي ٿو.
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته آدم شماري سنڌ جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي، گهوٻين واري آدمشماري اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌ جا لکين ماڻهو اڃا تائين روڊن رستن تي ويٺل آهن، ٻوڏ واري صورتحال اڃا برقرار آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏا پيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ آدمشماري ٿيڻ ئي غير قانوني آهي.
هن چيو ته اها به هڪ وڏي سازش آهي ته جيڪو سنڌ ۾ 6 مهينا رهندو ان کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺاهي ڏنو ويندو.
اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته آدم شماري سي سي آئي جو اختيار آهي، ان تي وفاق ڪو به حڪم جاري نٿو ڪري سگهي، هاڻوڪي آدم شماري ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ سي سي آئي جو ڪو به ڪردار ناهي ۽ آئين جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌ کي ڪيڪ سمجهيو ويو آهي ته سڄي ملڪ مان جيڪو به ماڻهو هتي اچي رهي سگهي ٿو ۽ ان جو کائي سگهي ٿو، ان کي سڀ شيون ملي وڃن ٿيون، پر سنڌ جا مقامي ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي جي لاءِ پريشان آهن، سنڌ مٿان ٻاهرين آبادي جو تمام وڏو دٻاءُ آهي، مقامي آبادي کي هڪ سازش تحت اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته 2017ع واري آدم شماري کي به سنڌ قبول نه ڪيو هو ۽ هاڻوڪي آدمشماري کي به اعتراض لڳائي رد ڪري رهي آهي، تڪراري آدمشماري ڪرائي ملڪ ۾ ڪو سٺو مثال قائم نه پيو ڪيو وڃي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت 18 هين ترميم تحت مليل اختيارن موجب سڄي سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن جي تعداد کي ڳڻڻ جي لاءِ ڪا حڪمت تيار ڪري، خانه بدوش قبيلن جي ڪٿي به ڪا رجسٽريشن ناهي هوندي انهن ماڻهن کي به ڳڻيو وڃي.
هن چيو ته آدمشماري جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي ها، پر بدقسمتي سان سنڌ حڪومت جي ڪا به تياري نظر نه آئي.
پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته آدم شماري ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي گهٽ ڏيکارڻ وارو انڪشاف انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ان جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي تي اچي ٿي، پيپلزپارٽي کي هاڻ پاڻ کي رڳو بيانن تائين محدود نه رکڻ گهرجي.
سينيئر صحافي نياز پنهور چيو ته سنڌ جي ماڻهن سان آدم شماري ۾ تمام وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جا ماڻهو پرامن طريقي سان جدوجهد ڪري مزاحمت ڪندا رهندا آهن، پر سنڌي وڙهندا ناهن.
هن چيو ته اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي ۽ وفاق ۾ هو هڪ وڏي اتحادي جماعت آهي، تنهن هوندي به اها هن آدمشماري ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي روڪرائي نٿي سگهي، پر اسلام آباد مان هڪ ٽيم ڪراچي ۾ اچي ٿي بدنيتي جي بنياد تي سنڌ جي مخصوص شهرن ۾ آدمشماري جي ڏينهن ۾ واڌ ڪئي وڃي ٿي, پيپلزپارٽي جيڪڏهن هن آدمشماري کي قبول نٿي ڪري ته اها سنڌ جي سمورين ڌرين کي گڏ ڪري سنڌ جو گڏيل آواز اٿارڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري.
سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر سيد زوار نقوي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ تي مسلسل حڪمراني ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي هن آدم شماري کي سنڌ دشمن آدمشماري قرار ڏئي ۽ اهو پيپلزپارٽي جو وقتائتو فيصلو هوندو.
وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليا بخشل ٿلهو چيو ته آدم شماري سنڌ جي بقاءَ جو مسئلو ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل آدمشماري سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته آدم شماري ۾ اها ڳالهه واضح ناهي ته ٻاهرين ماڻهن جي ڳڻپ ڪيئن ٿيندي، ٻاهريان ماڻهو هتي اچن ٿا ۽ هتي آباد ٿي وڃن ٿا، پر انهن کي ڳڻڻ جو طريقو ڪڏهن به واضح ناهي ڪيو ويو.
سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ حسين سارنگ چيو ته ڊجيٽل آدم شماري تي پيپلزپارٽي ڇو راضي ٿي.
سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جي اڳواڻ شهناز شيدي چيو ته سنڌ ڊجيٽل آدم شماري کي رد ڪري ٿي ۽ پيپلزپارٽي کي به قبول نه ڪرڻ گهرجي.
سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو ته هاڻوڪي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽائي پنجاب جي آبادي وڌائي وئي آهي، ڪراچي جي جيڪڏهن آبادي وڌڻي آهي ته اها مقامي ماڻهن سان وڌڻ گهرجي، ٻاهرين ماڻهن کي هتي رکي آبادي وڌائڻ انتهائي خطرناڪ آهي.
وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي ختم نه ڪيو ويو آهي ان ڪري سنڌ هاڻوڪي آدم شماري کي به رد ڪري ٿي، 2017ع واري آدمشماري کي به سنڌ مڪمل طور تي رد ڪيو هو، هي آدمشماري ته 2017ع واري آدمشماري کان وڌيڪ خراب آهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي کي آدمشماري جي حوالي سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. ، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.