ذائقو فائدن سان گڏ نقصان به ڏئي سگهي ٿو، پيٺل گرم مصالحا استعمال ڪندڙ خبردار!

کاڌي ۾ گرم مصالحن جو استعمال ته هر گهر ۾ عام آهي جيڪڏهن ڪنهن کاڌي ۾ ڪو گرم مصالحو رهجي وڃي ته ان کاڌي جو ذائقو ئي ناهي هوندو چوڻ جو مطلب ته گرم مصالحن جو استعمال کاڌن جي ذائقن ۾ جان وجهي ڇڏيندو آهي. نه رڳو ذائقو پر گرم مصالحن جا مختلف فائدا پڻ هوندا آهن پر جيڪڏهن انهن کي صحيح نموني کائجي ته.

ڪجهه ماڻهن کي سڄي گرم مصالحن سان وڏو مسئلو هوندو آهي ڇو ته گرهه گرهه ۾ ڪو نه ڪو مصالحو زبان جي ذائقي ۾ تيزابيت سميت مختلف اڻوڻندڙ ذائقي جو سبب بڻبو آهي.

بهرحال اڄ اسان خاص ڪري عورتن جي لاءِ اهم خبر کڻي آيا آهيون ته مصالحن کي استعمال ڪرڻ سان ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا ۽ انهن جي استعمال جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي.

گرم مصالحي کي پيهي کاڌي ۾ وجهڻ سان ته هڪ اهو نقصان هوندو آهي ته کاڌي جو رنگ ڪارو ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته پيٺل مصالحن جو استعمال زبان جي ساڙي جو به سبب بڻبو آهي نه رڳو ايترو پر پيٺل مصالحا معدي ۾ تيزابيت جو به سبب بڻبا آهن.

استعمال ڪيئن ڪجن؟

پيٺل گرم مصالحن جي استعمال بدران گرم مصالحن جو کاڌي پچائڻ بدران پليٽن ۾ ڪڍڻ وقت استعمال ڪرڻ گهرجي.

گهڻا گرم مصالحا استعمال ڪرڻ بدران گرم مصالحن جي چپٽي ڀاڄي جي پليٽ ۾ ٻرڪي کائڻ گهرجي.

اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته گرم مصالحن جي استعمال کانپوءِ ڀاڄين ۾ ٻه چار ليمي جا ڦڙا وجهي ڇڏجن ته جيئن ساڙي جو احساس گهٽ ٿئي.

عام طور تي ڪاري مرچن، زيري، دارچيني، فوٽن ۽ ٻين شين کي گڏائي پيٺو ويندو آهي پر حقيقت ۾ اهو صحيح طريقو ناهي.

ڪرڻ ائين گهرجي ته سڀني شين کي ويهه منٽن تائين تئي تي هلڪي باهه تي ڀڃڻ گهرجي يا سيڪڻ گهرجي.

انکانپوءِ انهن کي گڏائي پيهڻ گهرجي.

جڏهن توهان انهن کي ڪنهن برني ۾ وجهو ته ان ۾ ٻه ٽي ڦڙا سرڪي جا وجهي پوءِ گرم مصالحا وجهي رکي ڇڏيو.

هاڻي توهان انهن کي سولائي سان استعمال ڪري سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.