وٽامن ڊي جو روز استعمال ڪينسر جي مريضن لاءِ فائديمند قرار

هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته وٽامن ڊي جا جُزن جو روز استعمال موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ماڻهن ۾ موت جي شرح کي 12 سيڪڙو گھٽائي ٿو.

يعني ڪينسر ۾ مبتلا ماڻهن طرفان روز وٽامن ڊي استعمال ڪرڻ سان انهن جي زندگي ڊگھي ٿي ويندي ۽ اُهي انهن مريضن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زندگي گذاريندا جيڪي وٽامن ڊي جي سخت کوٽ جو شڪار هجڻ سوڌو انجي خوراڪ کان محروم هوندا آهن.

ڄاڻايل تحقيق کاناڳ به وٽامن ڊي ۽ ڪينسر بابت مختلف تحقيقن مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته وٽامن ڊي جي کوٽ ڪينسر سوڌو دل جي مرضن جهڙين بيمارين جو شڪار وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي.

اهڙيءَ طرح تحقيقن مان اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي آهي ته وٽامن ڊي جي مناسب سطح ۽ ان جي روز خوراڪ وٺڻ سان ڪينسر سوڌو ٻين موذي مرضن کان بچي سگھجي ٿو.

طبي رسالي سائنس ڊائريڪٽ ۾ ڇپيل تحقيق موجب جرمني جي ماهرن وٽامن ڊي جي روز خوراڪ وٺڻ ۽ ڪينسر سبب موت کان بچاءَ وچ ۾ واسطو دريافت ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪئي.

ماهرن گڏيل طور تي 14 مختلف تحقيقن ۽ سوا لک جي ويجهو رضاڪارن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو جيڪي وٽامن جي کوٽ جو شڪار هئا.

ماهرن تحقيق دوران ان ڳالهه تي توجه ڏني ته روز وٽامن ڊي جي خوراڪ وٺڻندڙن ۽ ڪڏهن ڪڏهن تمام گھڻيون وٽامن ڊي جون خوراڪون وٺندڙن جي صحت ۽ زندگي تي ڪهڙا اثر پون ٿا.

ماهرن کي نتيجن مان خبر پئي ته ڪڏهن ڪڏهن گھڻي مقدار ۾ وٽامن ڊي جي خوراڪ وٺڻ سان 70 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ٿيو.

پر ماهرن کي خبر پئي ته جن ماڻهن روز وٽامن ڊي جي مناسب خوراڪ ورتي هئي، انهن ۾ ڪيترين ئي بيمارين جي شدت ۾ گھٽتائي آئي جڏهن ته ڪينسر جو شڪار اهڙن ماڻهن ۾ موت جي شرح ۾ به 12 سيڪڙو گھٽتائي ڏٺي وئي.

ماهرن تجويز ڏني ته ڪينسر سوڌو ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن کي روز جي بنيادن تي وٽامن ڊي جي مناسب خوراڪ وٺڻ گھرجي جڏهن ته 70 ورهين کان وڌيڪ عمر جي  ماڻهن کي لازمي طور تي روز وٽامن ڊي جي خوراڪ وٺڻ گھرجي.

ماهرن جو چوڻ هو ته ڪينسر جوشڪار وڏي عمر جي ماڻهن کي وٽامن ڊي جون روز خوراڪون ڪيموٿيراپي جيترو ئي فائدو ڏينديون آهن.

ماهرن تجويز ڏني ته 50 سالن کان پوءِ عام ماڻهو کي به وٽامن ڊي جي مناسب خوراڪ وٺڻ جو بندوبست ڪرڻ گھرجي ڇو جو وٽامن ڊي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.

وٽامن ڊي عام طور تي ڊي ٽو ۽ ڊي ٿري تي ٻڌل هوندي آهي، جنهن مان ڊي ٿري سج جي روشني جڏهن ته ڊي ٽو کي خوراڪ سان حاصل ڪيو ويندو آهي.

کير، ڏهي، آنن، مڇي، گوشت، گجر، بادام، ڪيلي، آڙو، زردالو، پپيتي ۽ بيريز ۾ وٽامن ڊي جو سٺو مقدار هوندو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.