ڪراچي ۾ چور دڪاندار کي هپناٽائيز ڪري ورتو، وڊيو سامهون اچي وئي

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي برنس روڊ واري علائقي ۾ هڪ چور دڪاندار کي هپناٽائيز ڪري ڦري ويو.

ماهر چور دڪاندار کي هپناٽائيز ڪرڻ واري طريقي سان کيس ڦري ويو جڏهن ته اهڙا منظر سي سي ٽي وي وڊيو ۾ سامهون آيا آهن.

جوابدار عبدالشهاب کي پوليس آرام باغ واري علائقي مان ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪري ورتو.

شهاب بشني گيري ۽ ڦرلٽ جي ڪيسن ۾ ملوث آهي.

فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار دڪاندار کي هپناٽائيز ڪرڻ کانپوءِ ڪيشيئر ڊيسڪ تان پيسا کڻي ٿو.

پوليس سرچ آپريشن ڪري کيس 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ماضي ۾ به اهڙيون وارداتون ڪري چڪو آهي.

گذريل سال اهڙو ئي هڪ ڪيس سامهون آيو هو جنهن ۾ فيروز آباد پوليس هڪ سٺ سالن جي پوڙهي کي سندس پٽ سان گڏ گرفتار ڪيو هو.

جوابدار ماڻهن کي هپناٽائز ڪري ڦريندا هئا.

انهن جي سڃاڻپ به سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.