هر ڪنهن کي وڻندڙ خوراڪ جيڪا ڊپريشن جو شڪار بڻائي ٿي

صحت جي عالمي اداري موجب ڊپريشن موجود دور جو اهو مسئلو آهي جنهن کي سڄي دنيا جا 5 سيڪڙو بالغ ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن.

اهو مرض ماڻهن جي زندگي تبديل ٿيڻ جو سبب بڻبو آهي ڇو جو اهو رڳو دماغ تائين محدود رهندڙ مرض ناهي پر ان جي نتيجي ۾ جسم به متاثر ٿيندو آهي.

اڄ ڪالهه گھڻن ماڻهن جي پسنديدهه خوراڪ ان مرض جو شڪار بڻائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.

اها ڳالهه آسٽريليا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڊيڪن يونيورسٽي جي فوڊ اينڊ موڊ سينٽر جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الٽرا پراسيس غذائن جو گھڻو استعمال ڊپريشن سان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائي ٿو.

الٽرا پراسيس غذائن ۾ ڊبل روٽي، فاسٽ ۽ جنڪ فوڊز، مٺاڻ، ٽافيون، ڪيڪ، چپسم، بريڪ فاسٽ سيريلز، چڪن ۽ فش نگٽس، انسٽنٽ نوڊلز، مٺا شربت ۽ سوڊا وغيره شامل آهن.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته روز جي خوراڪ ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيلوريز الٽرا پراسيس غذائن ذريعي حاصل ڪندڙن ۾ ڊپريشن جو خطرو نمايان حد تائين وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته الٽرا پراسيس غذائن جي وڌيڪ استعمال سان ڊپريسن جو خطرو 23 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.