هاءِ بلڊ پريشر جون علامتون ۽ بچڻ جا سولا طريقا!

رت جي دٻاءَ يا بلڊ پريشر مان اها خبر پوندي آهي ته شريانين مان ڪيتري مقدار ۾ رت گذري رهيو آهي.

هاءِ بلڊ پريشر کي ان وقت منهن ڏيڻو پوندو آهي جڏهن شريانين مان گذرندڙ رت جو دٻاءُ لاڳيتو گھڻو وڌي وڃي.

هاءِ بلڊ پريشر کي خاموش قاتل مرض قرار ڏنو ويندو آهي ڇو جو ان جو شڪار ماڻهن کي گھڻو ڪري ان جي خبر ناهي هوندي.

هاءِ بلڊ پريشر ڇا هوندو آهي؟

رت جون شريانيون سوڙهيون ٿي وڃن ته رت جو وهڪرو محدود ٿي ويندو آهي.

شريانيون جيتريون وڌيڪ سوڙهيون هونديون، وهڪرو اوترو ئي گھٽ ۽ بلڊ پريشر اوترو وڌيڪ هوندو.

وقت سان گڏوگڏ اهو دٻاءُ وڌي مختلف طبي مسئلن جهڙوڪ، دل جا مرض، هارٽ اٽيڪ يا فالج جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

بلڊ پريشر جو مسئلو گھڻو عام آهي ۽ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ان جو شڪار آهن.

هاءِ بلڊ پريشر سان رت جي شريانين ۽ عضون خاص ڪري دماغ، دل، اکين ۽ بُڪين کي نقصان پهچندو آهي.

بلڊ پريشر جي سڃاڻپ جلد ٿيڻ سان ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

بلڊ پريشر کي دوائن ۽ طرز زندگي ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻ سان ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن آهي ۽ جيڪڏهن ان جي روڪٿامنه ڪئي وڃي ته هارٽ اٽيڪ ۽ فالج سوڌو مختلف مرضن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

صحتمند ماڻهن جو بلڊ پريشر ڪيترو هوندو آهي؟

بلڊ پريشر کي جاچڻ جا ٻه پيمانا آهن، هڪ systolic blood pressure جيڪو مٿين دٻاءَ جي نمبر کي ظاهر ڪندو آهي.

اهو بنيادي طور تي دل جي ڌڙڪي سان جسم جي مختلف عضون تائين پهچندڙ رت جي دٻاءَ کي ظاهر ڪندو آهي.

ٻيو پيمانو diastolic blood pressure آهي جيڪو انساني ڌڙڪي وچ ۾ وقفي ۽ آرام جي نمبر کي ظاهر ڪندو آهي.

ته اهو ڄاڻي وٺو ته صحتمند ماڻهن جو بلڊ پريشر  120/80 هجڻ گھرجي.

جيڪڏهن ڪنهن فرد جو بلڊ پريشر 130/80 آهي ته اهو سمجهڻ گھرجي ته ان ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري جي شروعات ٿي رهي آهي.

اهڙيءَ طرح جيڪڏهن بلڊ پريشر 140/90 هجي ته اهو هاءِ بلڊ پريشر جي سنگين مرحلي طرفان وڌڻ جو اشارو آهي.

علامتون ڇا آهن؟

جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته عام طور تي بلڊ پريشر جي علامت ظاهر ناهن ٿينديون ۽ ان ڪري ان کي خاموش قاتل به چيو ويندو آهي.

پر هاءِ بلڊ پريشر جي شدت وڌڻ تي جيڪي مخصوص علامتون ظاهر ٿينديون آهن اهي هيٺ بيان ڪجن ٿيون.

شديد مٿي جو سور

نڪ مان رت وهڻ

ٿَڪُ يا مونجهارو

اکين جي نظر جا مسئلا

سيني ۾ تڪليف

ساهه کڻڻ ۾ ڏکائي

دل جي ڌڙڪي ۾ بي ترتيبي

پيشاب ۾ رت اچڻ

سيني، ڪنڌ يا ڪنن تي دٻاءَ

ان کان هٽي ڪري به ڪيترائي ڀيرا ماڻهن ڪجهه اهڙين علامتن کي به منهن ڏيندا آهن جيڪي هاءِ بلڊ پريشر سان سلهاڙيل ٿي سگھن ٿيون پر چيڪ اپ کانسواءِ يقين سان ڪجهه چوڻ ڏکيو هوندو آهي.

مٿي کي چڪر اچڻ

مونجهارو محسوس ٿيڻ

گھڻو پگھر نڪرڻ

سمهڻ ۾ ڏکيائي

چهرو گھڻو ڳاڙهو ٿي وڃڻ

اکين ۾ رت جي رنگ جا داغ

بلڊ پريشر ڇو ٿيندو آهي؟

مختلف عنصر بلڊ پريشر جو شڪار بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.

انهن عنصرن ۾ جينز، عمر، نسل، ٿولهه، شراب جو استعمال، گھڻو وقت ويهي گذارڻ، کنڊ ۽ لوڻ جو گھڻو استعمال ذڪر جوڳا آهن.

مخصوص مرضن جهڙو بُڪين جا مرض، گوگھرا، دل جا مسئلا، ٿائيرائڊ جا مسئلا ۽ مخصوص دوائن سان به ان جو خطرو وڌي ويندو آهي.

پاڻ کي هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟

زندگي ۾ هاڪاري تبديلين سان اهڙن عنصرن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي جيڪي بلڊ پريشر جو سبب بڻبا آهن، جن مان ڪجهه عام طريقا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

دل جي صحت لاءِ فائديمند خوراڪ

دل جي صحت لاءِ فائديمند خوراڪ رت جي دٻاءَ ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ گھڻي اهم ثابت ٿيندي آهي جڏهن ته هاءِ بلڊ پريشر جو عارضو ٿيڻ تي ان کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ به مدد فراهم ڪندي آهي.

ميون، ڀاڄين، اَنَ، ڪڪڙ، مڇي، بيضن ۽ دالين سوڌو زيتون جي تيل تي ٻڌل خوراڪ دل کي صحتمند رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

جسماني سرگرميون وڌايو

جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ سان گڏوگڏ ورزش ڪرڻ سان بلڊ پريشر کي به قدرتي طريقي سان گھٽائڻ ممڪن هجي ٿو جڏهن ته دل جي شريانين جو نظام پڻ مضبوط ٿئي ٿو.

ماهرن موجب هر هفتي 150 منٽن جسماني سرگرمين کي عادت بڻائڻ گھرجي يا ائين چئجي ته هر هفتي 5 ڀيرا 30 منتن جي ورزش ڪرڻ گھرجي.

جسماني وزن کي ڪنٽرول ۾ رکو

جيڪڏهن اوهان ٿولهه جو شڪار آهيو ته صحت بهتر ڪندڙ خوراڪ ۽ جسماني سرگرمين سان وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ سان بلڊ پريشر کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

دٻاءَ کي ڪنٽرول ڪريو

گھڻي دٻاءَ جو شڪار ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي شڪايت عام هوندي آهي ان جي روڪٿام لاءِ يوگا، گھرو ساهه کڻڻ، مساج ۽ پٺن کي پرسڪون رکڻ سان مدد ملي سگھي ٿي.

سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو

سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر جو مسئلو عام هوندو آهي ۽ ڊاڪٽرن طرفان اهڙن مريضن کي سگريٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.

تماڪ ۾ موجود ڪيميڪلز سان جسماني ٽشوز کي نقصان پهچندو آهي جڏهن ته رت جي شريانين جي ڀت سخت ٿي ويندي آهي.

شراب جي استعمال سان به بلڊ پريشر کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته ان کان به پاسو ڪرڻ ضروري آهي.

کنڊ جو گھٽ استعمال ڪريو

مٺين شين جهڙوڪ سوڊا يا ٻين جو گھٽ کان گھٽ استعمال ڪرڻ گھرجي ڇو جو کنڊ جي گھڻي استعمال سان به بلڊ پريشر جي سطح وڌي سگھي ٿي.

لوڻ جو گھٽ استعمال

بلڊ پريشر ۽ دل جي مريضن کي خوراڪ ۾ لوڻ جو مقدار گھٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي.

لوڻ جي گھڻي استعمال سان به هاءِ بلڊ پريشر جي شدت ۾ واڌ ٿيندي آهي يا اوهان ان جو شڪار ٿي ويندا آهيو.

بلڊ پريشر کي ڪهڙي عمر ۾ چيڪ ڪرڻ عادت بڻائجي

بلڊ پريشر جي پيچيدگين کان بچڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ئي ٿي وڃي.

اهو ئي سبب آهي جو 40 سالن جي عمر کان پوءِ هر سال گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو بلڊ پريشر کي چيڪ ڪرائڻ عادت بڻايو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالي ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.