گردن جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دل جا مرض وڌڻ جو انڪشاف

ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته بُڪين جي مختلف بيمارين يا پيچيدگين ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دل جا مرض وڌڻ جا امڪان نمايان هوندا آهن جيڪي ڪجهه ماڻهن ۾ گھڻا شديد ٿي ويندا آهن.

ماضي ۾ ٿيل تحقيقن ۾ به ٻڌايو ويو هو ته بُڪين جي مرضن جو دل جي بيمارين سان گھرو واسطو آهي جڏهن ته ان سان فالج جهڙا سنگين مرض ٿيڻ جا به امڪان وڌي ويندا آهن.

ان حوالي سان آمريڪي رياست ميساچوٽس جي شهر بوسٽن جي ماهرن بُڪين جي مرضن ۾ مبتلا 600 ڄڻن تي تحقيق ڪئي ۽ تقريبن 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سندن صحت جو جائزو ورتو.

طبي رسالي جاما موجب ماهرن 600 ڄڻن جي بُڪين جا نمونا وٺي ليبارٽري ۾ انهن تي تحقيق ڪئي ۽ انهن کي ٿيندڙ مرضن جو پتو لڳايو.

ماهرن ساڍن 5 سالن کان پوءِ ٻيهر سڀني رضاڪارن جي صحت جو جائزو ورتو، جنهن مان خبر پئي ته 126 ڄڻن کي دل جا مرض، فالج، هارٽ اٽيڪ ۽ دل جي ناڪارا ٿيڻ (هارٽ فيليوئر) جهڙين سنگين بيمارين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ انهن مان ڪجهه فوت به ٿي چڪا هئا.

تحقيق جو حصو رهندڙ سمورا ماڻهو وچولي عمر جا هئا ۽ انهن ۾ به ڪو شخص نابالغ نه هو.

ماهرن موجب جن ماڻهن جي بُڪين جا نمونا ورتا ويا هئا، انهن ۾ خاص طور تي بُڪين جي ٻن بيمارين جي سڃاڻپ ٿي هئي.

ڄاڻايل ماڻهن مان گھڻن ۾ بُڪين ۾ گند گڏ ٿيڻ جي بيماري ٿي جڏهن ته ٻين ۾ بُڪين ۾ سوڄ سبب رت جي گردش ۾ رنڊڪ جهڙو مسئلو پيدا ٿيو.

ماهرن موجب بُڪين ۾ گند گڏ ٿيڻ جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا، پر عام طور تي شگر ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ڄاڻايل مسئلو عام هجي ٿو جڏهن ته بُڪين ۾ سوڄ ۽ اُتي رت جو وهڪرو نه ٿيڻ جو مسئلو بلڊ پريشر سان سلهاڙيل هوندو آهي پر ان جا ٻيا سبب به ٿي سگھن ٿا.

اهڙيءَ طرح ماهرن ٻڌايو ته بُڪين جون ٻيون بيماريون يا پيچيدگيون به دل جي مرضن ۽ فالج جهڙين سنگين بيمارين جو سبب بڻجي سگھن ٿيون پر ڄاڻايل ٻنهي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن ۾ امڪان وڌي وڃن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.