سخت گرمي ۾ ڏاڙهونءَ  ۽ هنداڻي جي جوس جا فائدا ۽ تيار ڪرڻ جو طريقو

ساڙيندڙ اُس ۽ سخت گرمي جو احساس ٿئي ته ٿڌا شربت پيئڻ تي دل چوندي آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اسٽالن تي ملندڙ شربت يا ريسٽورينٽ ۾ ٿڌي آئسڪريم به کائيندا آهن.

گرم موسم جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان موسم ۾ گھڻن ماڻهن کي چڪر اچڻ، اُلٽي اچڻ، ٿَڪَ، بدهاضمي ۽ گھٻراهٽ جو به شڪار ٿي ويندا آهن.

ڇو جو ان موسم ۾ جسم مان پگھر خار ٿيندو رهندو آهي جنهن سبب نمڪيات، منرلز ۽ پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي آهي جيڪا ٻين بيمارين جو سبب بڻبي آهي.

ان ڪري ان موسم ۾ وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ بهترين ۽ سستو علاج آهي.

تنهنڪري اسان اوهان کي ميون جي تازي رس يا ٿڌن مٺن ۽ مزيدار شربتن بابت ٻڌائي رهيا آهيون جن کي پيئندي ئي نه رڳو ختم ٿي ويل توانائي موٽي اچي ٿي پر صحت لاءِ به فائدو ٿئي ٿو.

هنداڻي جو شربت

هنداڻو

ڪارو لوڻ

ليمي جي رس

برف

ترڪيب:

هنداڻي جا ٽڪر ڪري وٺو، ان جي ٻجن کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي گرائنڊر ۾ وجهي ڇڏيو، هاڻ انهن ۾ ٿورو پاڻي، ڪارو لوڻ، ليمي جي رس ۽ کنڊ شامل ڪريو ۽ وري گرائنڊ ڪريو.

ان کان پوءِ ان شربت کي گرائنڊر مان ڪڍي ململ جي ڪپڙي سان ڇاڻيو ته جيئن شربت صحيح نموني صاف ٿي وڃي.

ان کانپوءِ هڪ گلاس ۾ برف جا ٽڪر وجهي ان تي شربت هاريو، وڌيڪ ذائقو وڌائڻ لاءِ پنهنجي حساب سان ليمو به شامل ڪري سگهجي ٿو.

اهو شربت گرمي جي موسم ۾ اوهان لاءِ بهترين ثابت ٿيندو.

ڏاڙهون جو شربت

تحقيقي رپورٽن ۾ ثابت ٿيو آهي ته کائڻ جي عادت جسم لاءِ مختلف فائدن جو سبب بڻجي ٿي جنهن سان مختلف مرضن جو خطرو گھٽجي سگھي ٿو.

ڳاڙهي رنگ جو اهو ميوو جيترو خوبصورت آهي اوترو ئي فائديمند به آهي.

ڏاڙهون جي داڻن سان ڀريل هڪ ڪوپ يا 174 گرام مان  جسم کي 7 گرام فائبر، 3 گرام پروٽين، وٽامن سي جو روزانو گھربل مقدار  جو 30 سيڪڙو حصو، وٽامن ڪي جو روزانو گھربل مقدار جو 36 سيڪڙو حصو، فوليٽ جو روزانو گھربل مقدار جو 16 سيڪڙو حصو ۽ پوٽاشيم جو روزانو گھربل مقدار جو 12 سيڪڙو حصو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

ڏاڙهون جو شرب ٺاهيندي وقت سڀ کان ڏکيو ڪم ان جا داڻا ڪڍڻ آهي، ان ڪري ان کي ڪاٽڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اوهان پهريان ان کي وچان ڪاٽڻ شروع ڪيو ۽ چار حصا ڪريو، ۽ هڪ پيالي ۾ پاڻي وجهي ان جا داڻا ڪڍو، ان جي وڊيو اوهان هيٺ ڏسي سگھو ٿا.

جڏهن ان شربت کي تيار ڪرڻ ڳالهه ڪئي وڃي ته سڀ کان پهريان ڏاڙهون جا داڻا ۽ 2 ڪوپ پاني بلينڊر ۾ وجهو ۽ ٿورو لوڻ وجهي ان کي سٺي نموني بلينڊ ڪريو.

پوءِ هڪ وڏي پيالي جي مٿان ڇاڻي رکو ۽ بلينڊ ٿيل ڏاڙهو جو شرب ڇاڻي جي مٿان هاريو پوءِ پيالي مان ڏاڙهون جي رس گلاس ۾ وجهي ان ۾ برف شامل ڪري ان مان مزو وٺو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.