انٽرنيٽ کانسواءِ ڪريم ڪار بُڪ ڪرائڻ سولو ٿي ويو

سڄي ملڪ ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس معطل هجڻ سبب ڪريم ڪار ڪمپني ڪراچي جي شهر لاءِ عارضي طور تي ”مينوئل بڪنگ سروس“ شروع  ڪري ڇڏي.

ڪريم ڪار رائڊنگ سروس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪمپني طرفان ڪراچي  ۾ مينوئل بڪنگ سروس جي شروعات ڪئي پئي وڃي جيڪا ٽيڪسٽ ميسيج، واٽس ايپ ۽ فون ڪال تي به ڪري سگھبي.

مينوئل بڪنگ سروس اسپتالن، هوائي اڏن ۽ تعليمي ادارن سوڌو اهم چر پر لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

ڪمپني طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب مينوئل رائڊ بڪنگ سروسز رڳو ڪراچي وارن لاءِ آهي.

ڪمپني مينوئل بڪنگ لاءِ سهولتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سواري لاءِ واهپيدارن کي 90 منٽ پهريان بڪنگ ڪرائڻي پوندي ۽ هيٺ ڏنل نمبرن تي ميسيج، ڪال يا واٽس ايپ تي رابطو ڪرڻ پوندو.

ڪمپني طرفان مينوئل رابطي لاءِ هيٺين نمبرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

03012442739، 03203581584، 03263703258

پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بڪنگ ڪرائڻ لاءِ واهپيدارن طرفان ڊراپ آف لوڪيشن، پڪ اپ لوڪيشن ۽ رجسٽرڊ نالو ۽ فون نمبر جهڙا تفصيل شامل هجڻ گھرجن جنهن تي واهپيدارن جو ڪريم اڪائونٽ موجود هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.