بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين روس- يوڪرين جنگ ۾ ٽياڪڙي جون ڪوششون تيز ڪندي خاص نمائيندو يوڪرين ۽ روس موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
چين جي يوريشيائي معاملن بابت سفير لي هوئي 15 مئي کان يوڪرين، پولينڊ، فرانس، جرمني ۽ روس جو دورو ڪندو، لي هوئي روس جو سفير به رهي چڪو اهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس ڪانفرنس چيو آهي ته ان دوري جو مقصد يوڪريني بحران جي سياسي حل تي سمورين ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آهي ۽ چيني نمائيندي جو اهو دورو چين جي امن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.
چيني پرڏيهي وزارت موجب اهو دورو ظاهر ڪري ٿو ته چين مضبوطي سان امان سان گڏ بيٺل آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني چيني صدر شي جن پنگ يوڪريني صدر زيلنسڪي سان فون تي رابطو به ڪيو هو.