نارمل ويم لاءِ نائين مهيني جا ڪجهه معمولي عمل

هر اها عورت جيڪا اميدواري سان هوندي آهي ان جي اها خواهش هجي ٿي ته کيس نوَن مهينن جي تڪليفن ۽ محنتن جو انعام هڪ صحتمند ٻار جي صورت ۾ ملي. ان سان گڏوگڏ هر عورت جي اها به خواهش هجي ٿي ته ان جو ويم نارمل ٿئي ۽ انکي آپريشن جي تڪليف مان نه گذرڻو پوي. ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن به عورت جو هڪ ڀيرو ويم جي لاءِ آپريشن ٿئي ٿو ته پوءِ هر ويم لاءِ کيس آپريشن ئي ڪرائڻو پوي ٿو جنهن جي ڪري مختلف مرحلن مان گذرڻ سبب هر ماءُ کي صحتمند ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت لڳندو آهي.

اهڙي مقصدن جي لاءِ نائين مهيني ۾ ڪجهه اهڙا عمل آهن جيڪي ڪجن ته ويم نارمل ٿي سگهي ٿو.

آڳاٽي دور ۾ ويم جي لاءِ عورتن کي استپال کڻي وڃڻ جو رواج نه هوندو هو يا وري نه هئڻ برابر هيو، گهڻي قدر عورتن جو ويم سندن ئي گهر ۾ ماهر دائيون ڪنديون هيون جن جو ميڊيڪل شعبي سان سڌيءَ ريت ته ڪو به واسطو نه هوندو هيو پر تنهن جي باوجود به اهي نوي سيڪڙو ڪيس پنهنجي تجربي جي آڌار تي نارمل ڪنديون هيون.

جيتوڻيڪ ويم دوران انهن جي غلطين جي ڪري ڪيترين ئي عورتن توڙي ٻارڙن جون زندگيون زيان به ٿي وينديون هيون پر تنهن باوجود به انهن جي نصيحتن ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. اهي دائيون جڏهن به ڪنهن عورت جو ڪيس ڪنديون هيون ته انکي نائين مهيني ۾ ڪجهه ڪم ڪرڻ جي نصيحت ڪنديون هيون جن تي عمل ڪري پيٽ وارين عورتن جو ويم نارمل ٿي ويندو هو.

گهڻو وقت آرام نه ڪيو

اهڙي وقت ۾ نارمل ويم جي خواهش عورت قدرتي طور تي سستي جو شڪار بڻجي ويندي آهي ۽ سندس لاءِ اٿڻ ويهڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي جنهن جي ڪري پيٽ واريون عورتون پنهنجي ڏينهن جو گهڻو وقت کٽ تي ويهي سان سمهي گذارڻ کي ترجيح ڏينديون آهن. پر تجربيڪار عورتن جي موجب اهو وقت هر وقت کٽ تي ويهڻ جو ناهي هوندو گهڻي سستي نارمل ويم لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندي آهي.

گهمڻ ڦرڻ

نائين مهيني جي شروعات ۾ ئي تجربيڪار عورتون پيٽ وارين عورتن کي ڏينهن ۾ ڪجهه وقت باقاعدگي سان گهمڻ ڦرڻ جو مشورو ڏين ٿيون. اهڙي عمل جي پٺيان اها حڪمت لڪل آهي ته اِهو اُهو وقت هوندو آهي جنهن وقت ٻار کي پنهنجي پوزيشن ويم جي حساب سان بهتر ڪرڻي هوندي آهي. ان وقت دوران گهمڻ ڦرڻ سان ٻار کي پنهنجي پوزيشن ۾ اچڻ يا جاءِ ٺاهڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي انڪري اهو لازمي آهي ته سڄي ڏينهن ۾ ٿورو گهڻو گهمڻ ضرور گهرجي.

ويهي اٽو گوهڻ

نائين مهيني جو اهو وقت هوندو آهي جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار مڪمل طور تي پنهنجي واڌ ويجهه ڪري چڪو هوندو آهي ۽ ان وقت ماءُ کي گهرجي ته ويهي اٽو گوهڻ جي ورزش ڪري. حقيقت ۾ اها هڪ اهڙي ورزش آهي جيڪا ٻار کي ان جي ماءُ جي پيٽ کان هيٺ ڍڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جنهن سان ٻار کي نارمل ڄڻڻ ۾ سولائي ٿئي ٿيئ

پوچي لڳايو

هونئن ته جيڪڏهن ڪنهن پيٽ واري عورت کي سندس ساهرا يا پيڪا گهر ۾ پوچي هڻڻ جو چون ته انکي لڳندو ته اهي مٿس ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيا آهن. پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن نائين مهيني تائين سڀ ڪجهه درست هجي ۽ ڪو وڏو مسئلو نه هجي ته عورت کي پنهنجي پيرن تي ويهي فرش جي پوچي ڏيڻ نارمل ويم جي لاءِ انتهائي مددگار هوندو آهي.

قبضي کان بچڻ

ان وقت ۾ نائين مهيني دوران ڪنهن به قسم جي مسئلي کان بچڻ جي لاءِ ماهر عورتن يا دائين جو اهم مشورو اهو به هوندو آهي ته پيٽ واري عورتن کي قبضي کان بچڻ گهرجي. ان لاءِ اهي عورتون ديسي گيهه جو استعمال ڪرڻ سان گڏ ميون ۽ سبزين جو استعمال گهڻي کان گهڻو ڪن ته جيئن اهي قبضي کان بچي سگهن.

ساهه کڻڻ جي ورزش

هونئن ته ويم جو ساهه کڻڻ سان لاڳاپو حيران ڪندڙ ۽ عجيب لڳيٿو پر حقيقت ۾ پر اهڙي تڪليف ۾ عورتن جي لاءِ صحيح نموني ساهه کڻڻ انتهائي ضروري آهي. پر ان لاءِ صحيح نموني سان ساهه کڻڻ بابت خبر هئڻ به ضروري آهي. ويم جي تڪليف ۾ صحيح نموني ساهه کڻڻ لاءِ هتي سان ويم کان اڳ ساهه جي ورزش جو طريقو ٻڌايون ٿا.

هڪڙو هٿ پاسيرن کان ٿورو هيٺ پنهنجي پيٽ تي ۽ ٻيو هٿ سيني تي رکيو.

نڪ مان ساهه اندر کڻو ۽ ساهه کڻڻ وقت ڪوشش ڪيو ته توهان جو پيٽ توهان جي هٿ کي ٻاهر ڌڪي جڏهن ته سيني تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه پوي.

هاڻي وات کي گول وانگر ٺاهي جيئن سيٽي وڄائبي آهي وات ذريعي ساهه ٻاهر ڪڍو ۽ توهان جو پيٽ اندر طرف وڃڻ گهرجي.

تڪليف دوران اهڙي قسم جو ساهه کڻڻ گهرجي.

اهڙي ساهه کڻڻ جو عمل نائين مهيني کان ئي شروع ڪجي ته جيئن تڪليف ٿئي ته اهو ساهه کڻي تڪليف کان بچي سگهجي.

اهو به ياد رکو ته انسان جي هٿ ۾ رڳو ڪوشش ڪرڻ ئي آهي ته جڏهن ته نارمل ويم ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڊاڪٽرن کي ئي ڪرڻ گهرجي جيڪو عورت ۽ ٻار جي صحت جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. پر جيڪڏهن رت گهٽ هجڻ سميت ٻيو ڪو به مسئلو نه آهي ته انهن ڳالهين تي عمل ڪري نارمل ويم جا امڪان وڌائي سگهجن ٿا.

ڇو ته آپريشن وارو عمل اڄڪلهه عام آهي باقي آڳاٽي زماني ۾ نارمل ويم ئي ٿيندو هو، ان لاءِ کاڌن پيتن سميت عورت جي ڪم ڪار جي انداز جو هجڻ به تمام ضروري آهي جيڪڏهن عورت ڪم ڪار ڪندي رهي ۽ کاڌو خوراڪ طاقتور هجي جنهن لاءِ ديسي گيهه انتهائي اهم آهي ته نارمل ويم ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.