”موت جي وقت تيز روشني ۽ مُئل مائٽ ڇو نظر ايندا آهن“

چيو ويندو آهي ته انسان کي موت جي وقت هڪ تيز روشني ۽ پنهنجا مُئل مائٽ ڏسڻ جو تجربو ٿيندو آهي، پر پر اها ڳالهه ڪيتري حد تائين سچي آهي؟ ان جواب هڪ تازي تحقيق ڏنو آهي.

ڄاڻايل تحقيق موجب، جڏهن دل جو دورو پوندو آهي ته دماغي سرگرمين ۾ اوچتو واڌ ٿي ويندي آهي، جنهن سبب ماڻهو موت جي ويجهو تجربن کي منهن ڏيندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ انهن کي چمڪندڙ روشني نظر ايندي آهي.

نيشنل اڪيڊمي آف سائنس جي رسالي ۾ ڇپيل مطالعي ۾ چئن موت جي ويجهو مريضن جي دماغي سرگرمي جو جائزو ورتو ويو.

موت جي منهن مان بچي آيل ماڻهن پنهنجي تجربي کي هڪ روشني نظر اچڻ جي طور تي بيان ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه دعويٰ ڪندا آهن ته هنن ان دوران پنهنجا مُئل پيارا ڏٺا.

گھڻا ماڻهو انهن جي ان تجربي کي شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن، پر نئين تحقيق ۾ ان رجحان جي امڪاني سائنسي وضاحت پيش ڪئي وئي آهي.

تحقيق ڪندڙن موت جي وقت ماڻهن جي دماغن ۾ ڇا ڏٺو؟

اليڪٽرو اينسيفلوگرام جو استعمال ڪندي، محققن مشاهدو ڪيو ته دل جو دورو پوڻ يا شديد ساهه مجهڻ سبب انسانن ۽ جانورن، ٻنهي جي دماغ ۾ گاما ويوز جون سرگرميون وڌي وينديون آهن.

دماغ ۾ گاما پاور جو وجود شعور جو هڪ اشارو آهي ۽ ان جو واسطو سخت توجه، مسئلا حل ڪرڻ ۽ دماغ ججي انهن ٻين سرگرمين سان هوندو آهي جنهن لاءِ دماغي طاقت جي ضرورت هوندي آهي.

سائنسدانن موت ۾ منهن وارن مريضن ۾ خاص طور تي دماغ جي انهن فعال حصن جو مشاهدو ڪيو جيڪي دماغ جي انهن علائقن جهڙا آهن جيڪي خواب ڏسڻ جهڙي اندروني بصري سرگرمي کي سنڀاليندا آهن.

جنهن سان تيز روشني يا مُئل مائٽن جا چهرا ڏسڻ جي وضاحت ڪري سگھجي ٿي.

يعني مريض انهن تصويرن کي حقيقت ۾ سامهون ناهي ڏسي رهيو هوندو، پر هو بنيادي طور تي ان جا خواب ڏسي رهيو هوندو آهي.

مطالعي ۾ جن چئن مريضن جو مشاهدو ڪيو ويو، انهن مان ٻن ۾ دماغي سرگرمين ۾ واڌ ٿي جڏهن ته ٻين ٻن ۾ اهڙو ڪجهه به نه ٿيو.

اها ان ڳالهه جي وضاحت ٿي سگھي ٿي ته موت جي ويجهو ويندڙ رڳو 10 مان 20 سيڪڙو ماڻهو ئي ڇو بصري تجربن جا اطلاع ڏيندا آهن.

پر، مطالعي ۾ ان ڳالهه جي جاچ ناهي ڪئي وئي ته ڪجهه ماڻهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ان رجحان جو سبب ڇا آهي.

ان تحقيق جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر جيمو بورجيگين ٻڌايو ته جيڪڏهن دماغي سرگرمي ۾ واڌ ڪندڙ مريض زندهه هجن ها ته شايد انهن وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪا ڪهاڻي هجي ها.

محققن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جا نتيجا حتمي ناهن، ڇو جو هو سبجيڪٽس کان اهو نه پيا پڇي سگھن ته جڏهن دماغ جي وڌندڙ سرگرمي کي نوٽ ڪيو ويو ته هنن ڇا ڏٺو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.